Arshad Nohrio Poet

Arshad Nohrio Poet Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Arshad Nohrio Poet, Real Estate, Ghareeb Abad badin, Badin.

20/09/2022

جيئي ڀٽو ...... واھ جو نظم آهي !
روحل ڪالرو جو نظم ۽ منهنجو آواز .....!!!!

16/09/2022

Portry : Allahdino Halani / Voice Arshad Hothi / Contect : 03492380685

13/09/2022

03492380685

12/09/2022

رڪارڊينگ جي لئه واٽس اپ نمبر : 03492380685

Voice : Arshad Hothi
Tehreer : M moosa kapri :

11/09/2022

جي پرچي پوي يار ته خيرات ڪنداسين ...!!

11/09/2022

غزل____________شفيق جان ٿيٻو

لُڙڪن جِي هِيءَ لارَ ڇَڏي ڏي،
مُحب پَچارون سارَ ڇَڏي ڏي!

تو تَه چَيو هو شاعر هاڻي،
گُذريل يارِيون پِيار ڇَڏي ڏي!

تُون تَه هَلين پي ساڻِ هَوا سان،
هاڻِ پُڪارون يارَ ڇَڏي ڏي!

ڪَنڌ وَرائي ڏيڍِي اَک سان،
هاڻِ نِهارون *وار ڇَڏي ڏي!

ٽولِيءَ مان تو ٽارِيو ٿيٻا !
هاڻِ مَيارون خارَ ڇَڏي ڏي!

وار= ڀيرو ، گهمرو

مان اعترافُ ٿو ڪريان تہسِجُ لھڻ کان پوءِ ڪاري رات صبحُ تائين منھنجي تنهائي سان رومانس ڪندي رھندي آھي. مان اعترافُ ٿو ڪري...
11/09/2022

مان اعترافُ ٿو ڪريان تہ
سِجُ لھڻ کان پوءِ
ڪاري رات صبحُ تائين منھنجي تنهائي سان رومانس ڪندي رھندي آھي.

مان اعترافُ ٿو ڪريان تہ
ڳوڙھن جي ڳڙڻ کان پوءِ
اکيون ٿر جي ويران ڀِٽن جون ڀينر ٿي وينديون آھن.

مان اعتراف ٿو ڪريان تہ
منھنجي اگهاڙي پيرن رستن جي شناخت وڃائي ڇڏي آھي.

مان اعتراف ٿو ڪريان تہ
وڻن سان ڳالهائڻ منھنجو معمول بڻجي چُڪو آھي
۽ سڀ ٽاريون منھنجون محبوبائون آھن.

مان اعترافُ ٿو ڪريان تہ
ڪجھ ڪتابن جو بنياد ڪوڙ تي ٻڌل هوندو آھي
جيڪو پڙھندڙن کي سئو سيڪڙو سچ لڳندو آھي.

مان اعتراف ٿو ڪريان تہ
ڌرتي اھا عورت آھي جنھن کي غلامي جي ڪھاڙي صدين کان رَتو ڇاڻ ڪندي رھندي آھي

مان اعتراف ٿو ڪريان تہ
خاموشي اُهو احتجاج آھي
جنھن جي پويان آوازن جا ڪنڌ ڪپيل هوندا آھن.

مان اعترافُ ٿو ڪريان تہ
اسين سڀ جيون جي قيدخاني جا اَسير آھيون
اسان کي آزاديءَ جو اُلڪو جيئڻ جو اُتساھ ڏيندو آھي

مان اعتراف ٿو ڪريان تہ
غريب جو بُکيو پيٽ اَمير جي گهڙيءَ جي ٽِڪ ٽِڪ کان وڌيڪ تيز ڊوڙيندو آھي

مان اعتراف ٿو ڪريان تہ
ڪجھ عورتون وڌندڙ عمر سان گڏ ٻار ٿينديون وينديون آھن.

مان اعتراف ٿو ڪريان تہ
عاشق سگريٽ جي سُرمئي دونهي سان
محبوبا جو اگهاڙو پوٽريٽ ٺاھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا رھندا آھن.

مان اعترافُ ٿو ڪريان تہ
ننڊ منھنجي گھر جو ايڊريس وڃائي ويٺي آھي.

مان اعتراف ٿو ڪريان تہ
آرسي مون کي ڏسي ٽُٽي پوندي آھي
۽ ديوارون ڪاوڙ مان مون کي گهر ڇڏي ٻاھر هَليون وينديون آھن.

مان اعتراف ٿو ڪريان تہ
برساتون اميرن جي گهرن تي رحمت
۽ مسڪينن جي جهوپڙين تي ڏمر ثابت ٿينديون آھن

مان اعترافُ ٿو ڪريان تہ
مون پنهنجي پوري ڄمار
ديوارن سان ڳالهائيندي گُذاري آھي.

#وڃايل وجود

Address

Ghareeb Abad Badin
Badin
12345

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Arshad Nohrio Poet posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category