Sindhi Story Noor kunbhar سنڌي ڪھاڻي نور ڪنڀر

  • Home
  • Pakistan
  • Dadu
  • Sindhi Story Noor kunbhar سنڌي ڪھاڻي نور ڪنڀر

Sindhi Story Noor kunbhar  سنڌي ڪھاڻي نور ڪنڀر Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sindhi Story Noor kunbhar سنڌي ڪھاڻي نور ڪنڀر, Real Estate, Dadu.

Permanently closed.
نالي واري اداڪار اياز چانڊيو سان دستاربندي ۽ اسٽيج ڊرامو ڪنڌار پيش ٿيل پروگرام جون تصويرون
10/02/2025

نالي واري اداڪار اياز چانڊيو سان دستاربندي ۽ اسٽيج ڊرامو ڪنڌار پيش ٿيل پروگرام جون تصويرون

ڪھاڻي : سزادارتحرير : نور ڪنڀرابراھيم درد جي گِھِري عالم مان گذري رھيو ھو ۔ ھن جا پوڙھائپ وارا قدم عمر جي آخري حصي ۾ داخ...
28/01/2025

ڪھاڻي : سزادار
تحرير : نور ڪنڀر

ابراھيم درد جي گِھِري عالم مان گذري رھيو ھو ۔ ھن جا پوڙھائپ وارا قدم عمر جي آخري حصي ۾ داخل ٿي چڪا ھئا مٿان پٽ جي لوفرائپ واري الميئي ويتر ھن کي جهوري وڌو ھو۔ جڳ جهان ۾ ھڪ پٽ ھيسُ سو به اڻ سڌريل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جوان اولاد پڪل فصل جيان ھوندو آھي پوکي کان وٺي لاھي تائين جي فصل سٺو نه لھي ته والدين جي ھڙ وئي ۔ ابراھيم به پنھنجي ڪئي ڪمائي سڀ وڃائي چڪو ھو ۔ پٽ کي چڱي دڳ تي لائڻ لاء ھن ڪئي هيلا وسيلا ھلايا پر ! ھن جي پٽ زاھد جنھن جي ڳوٺ جي لوفر ڇوڪرن جي صحبت ملڻ جي ڪري زاھد به لوفر جيان آواره گيري جا پَرَ ڪڍڻ شروع ڪيا هئا ۔ هن جي روز مرھ جي زندگيءَ ۾ جھيڙو جھٽو معمول بڻجي چڪو هو ۔ پاڻ کي ڪاٽڪو ۽ فني خان سمجھڻ لڳو ۔ ابراھيم جي بار بار سمجھائڻ تي ھن پيء جي ڪاڻ نه پي ڪڍي ۔ ابراھيم ٿڌو ساھ کنيو هن جي اکين ۾ هڪ ياد وري پئي هئي ۔ جمعي جي ڏينھن زاھد ڳوٺ جي چوراهي تي جواني جي ارڏائي مان تون ڇا تون ڇا مان وسائي جي پٽ مٺل وارن سان وڙھي پيو هو ۔ زاھد وَرَ مان ريوالر ڪڍي ٻه ٽي قدم پوئتي ھٽي ڪري ريوالر سڌو ڪري ھڪل ڪري ڌمڪي واري لهجي ۾ مٺل وارن کي چيو “ جيڪو اڳتي وڌيو آھي مان ان کي گولي ھڻي ڪڍندس “ مٺل جيڪو اڳي ئي اٿيل ھو ، سو تيش کائيندي زاھد کي گار ڏيندي ” تنھنجي وٺي ڪري ڀيڻ کي ۔۔۔۔۔۔۔۔ “ ھلا ڪندي اڳتي وڌندي چيو ” آئون اڳتي وڌندس تون ڪير ٿيندو آھين روڪڻ وارو ايڏو مڙس ماڻھو آھين ته ھلا ڳولي “ جيئن مٺل اڳتي وڌيو زاھد مٺل تي سڌو ڪيل ريوالر جو فائر ڪيو ، فائر جي ڪيل گولي مٺل جي دل کي چيري چڪي هئي ۔ ڳولي جي ڌڪ لڳڻ سان ئي مٺل دانھن ڪري زمين تي ڪريو ۔ مٺل ٿڏي تي مري پيو۔ ريوالر جي فائر تي ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ، ھي به خون ڪري اچي گھر نڪتو ۔انھيء ڏينھن وسائي حد جي ٿاڻي تي پٽ جي خون جي فرياد داخل ڪرائي ۽ زاھد جي گرفتاري ٿي ۔ ڪيس پڪي ٿيو زاھد کي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو ۔
ابراھيم زاھد جي خيالن مان نڪتو ۔ سامھون بيٺل پنھنجي زال روبينا کي ڏٺو ۔ جيڪا خاموش بيٺي ھئي ۔ چھرو ڏک مان ٻکي رھيو ھيس ۔ اکين ۾ آب جي آلاڻ ھئي ھٿ ۾ جھليل اجرڪ ھيو جيڪو معمول مطابق ابراھيم جي ڪلھن تي رکندي ھئي ، ھن وڌي اچي ابراھيم جي ڪلھن تي اجرڪ اوڍيو ته ابراھيم روبينا جي اکين ۾ گھور وڌي ته روبينا جي اکين ۾ آب جيڪو آلاڻ ڪيو بيٺو ھو سو اکين مان ڪرڻ لڳو ڏک جو عالم ظاھر ٿي پيو ۔ ابراھيم ٻنهين نياڻين ڏانھن نظر کنئي جيڪي ڪمري جي اولھندي پاسي کٽ جي ڀرسان خاموشي ۽ اداسي واري ڪيفيت ۾ بيٺل ھيون ۔ روبينا چپ چوريا ۽ آواز ڪڍيو ” رئيس سائينداد راڄوڻو فيصلو رکيو آھي ڇا فيصلي کانپوء منھنجو پٽ زاھد جيل کان آزاد ٿي واپس موٽي گھر ايندو“
” فيصلو ٺاھ لاء رکرايو ويو آھي ٺاھ ٿيندو ته زاھد به واپس موٽي گھر ايندو “
” اگر خون جي ڏنڊ ۾ رئيس چٽي رکي ته ، نه اسان وٽ زمين ، نه ڪا ملڪيت اھا ڪيئن ڀربي ؟ “
ابراھيم چٽيء جو ٻڌي ماٺ ۾ رهجي ويو ، ھڪ لمحي جي ماٺار کانپوء وراڻيو ” ڏسجي فيصلي ۾ ڪھڙيون ڳالھيون ٿين ٿيون ۔ جيڪا ڳالھ اڳيان آئي ان کي منھن ڏئي وٺنداسين ، چڱو مان ھلان ٿو “ چئي ابراھيم قدم ڪمري کان ٻاھر وڃڻ لاء کنيا ته روبينا جلدي چپ چوريندي ڪي ڪلمه پڙھي پويان شوڪاري ورتا ۔ ابراھيم ڪمري کان ٻاھر نڪري ھليو ويو ۔
روبينا ۽ سندس ڌيئرون فيصلي ٻڌڻ جي انتظار ۾ بي قرار بڻجي چڪيون هيون ، ھزاين سوال ۽ خيال ذھن ۾ ٺھيا ۽ ڊھيا پي ۔ اگر رئيس خون جو ڏنڊ رکيو ڪٿان ڀرينداسين ۔ اسان جي آمدني ايتري جو ڪمايون سو کائون ۔ خيالن جي منجھيل سٽ ۾ ڪا ڳالھ ھڪ جاء تي سلجھي نه پي ، متان ھئين ٿئي ، متان ھونئن ٿئي ، متان زاھد کي خدا ڪارڻ معافي ملي پوي ائين ئي ذھن خيالن جي چاڏي ۾ ڳالھين کي ولوڙيو پي ۔
ڪجھ ڪلاڪن کانپوء ابراھيم گھر واپس آيو ۔ ڪنھن سان بنا گفتار جي ماٺڙي ڪري اچي آڳر جي کٽ تي ويٺو ۔ روبينا جيڪا ورانڊي جي ٿوڻيء کان بيٺل ھئي سُري اچي کٽ تي ھن سان گڏ ويٺي ۔راڻي ۽ سھڻي فيصلي جي ڳالھ ٻڌڻ لاء پيء جي کٽ کان اچي بيٺيون ۔ روبينا ابراھيم جي خاموشي کي ٽوڙيندي ڳالھ پڇي ” فيصلو ٿي ويو “ ابراھيم ٿڌو ساھ کڻندي چيو۔
” ھا فيصلو ٿي ويو “
” ڇا ٿيو فيصلي ۾ “
ابراھيم ڀڻڪيو ” اھو ئي جيڪو ازل کان فيصلو ٿيندو ايندو آھي خون بھا جي چٽي “ روبينا خون بھا جي چٽيء جو ٻڌي منھن جو پَنو ئي لھي ويس
روبينا پڇيو ” ڪھڙي چٽي رکي رئيس “
ابراھيم خشڪ ٿيل چپن مان جھيڻو آواز ڪڍيو ” پنجاھ لک “ جيئن ابراھيم جي واتان پنجاھ لک جو آواز نڪتو روبينا ، راڻي ۽ سھڻي واتين آڱريون اچي ويون ۽ واتان آواز نڪتن ”پنجاھ لک “ روبينا ورايو اسان غريبن وٽ ايترا پيسا ڪٿان ايندا جو وسائي وارن کي خون جي چٽي ۾ پنجاھ لک ڏينداسين “
” ھا مون سڄي راڄ اڳيان رئيس کي ھٿ ٻڌي منٿ ڪئي رئيس مون غريب وٽ ايڏا پيسا ڪٿان ايندا جو مان وسائي کي پنجاھ لک ڀري ڏيندس “
ابراھيم ڳالھ ڪري چپ ٿي ويو ۔ روبينا چھري کي تڪيندي پڇيو ” پوء وڌاري رئيس ڇا چيو “
” رئيس چيو ته نه ته خون بھا ۾ وسائي جي پٽ ڪالو کي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔توکي سڱ ڏيئڻو پوندو “
ابراھيم جي ڳالھ ٻڌندي راڻي ۽ مومل جا تاڪ لڳي ويا ۔ چھرا لال ٿي وين ، ڄڻ چھرا رت ڇڏي رھيا ھجن ۔ ابراھيم ساڄو ھٿ منھن تي ڦيريو ته چھري ۾ باھ ٻري رھي ھيس ۔ ھٿ چھري کي ڦرائي نرڙ تي رکي ڪنڌ ھيٺ کڻي ڪيائين ۔ آڳر تي ماٺار ڇائجي وئي ۔ سڀ خاموش ٿي ويا ڄڻ ڪو نانگ ڪکي ويو ھجين ۔ ڪجھ منٽن جي خاموشي کانپوء روبينا ابراھيم سان مخاطب ٿي ” زاھد جا پي پوء تون ڇا سوچو آھي ” ابراھيم جھڪيل ڪنڌ مٿي ڪيو چھري تان ھٿ ھٽائي نياڻين کي ڏٺو جيڪي پيء جي اکين ۾ اکيون نه ملائي سگھيون ۔ ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪين ۔ ھنن جا چھرا غم لھر مان ڳاڙھسُرا ٿي پيا ۽ ٻئي خوفزده ٿي پيون ڀاء جي قرباني جي ڇري ڪنھن جي مٿان ڪرندي ۔ روبينا ابراھيم جي اکين کي ڏٺو جيڪي نياڻين ۾ تڪ وجھيو بٺيون ھيون ۔ روبينا ابراھيم سان مخاطب ٿيندي چيو ” ھنن کي ڇا ٿو سڏين ھي منھنجون سدوريون ڌيئريون آھن تون جنھن لاء چوندي اھا ڀاء جي آزاديء لاء ھا ڪندي “
ابراھيم ڌيئرن سان مخاطب ٿيو ۽ چين ڪنڌ مٿي ڪريو ۔ راڻي ۽ سھڻي ڪنڌ مٿي ڪيا ۔ ” ۽ منھنجي اکين ۾ اکيون وجھو “ حيا کان راڻي ۽ سھڻي جي اکين ۾ نير ڀرجي آيا پر ھنن اکيون مٿي نه ڪيون ۔ ابراھيم جو ڌيئرن جي حالت تي چھرو ڦڙڪي پيو ۽ اکين ۾ پاڻي تار ٿي پيو ۔ غم جي شدت مان روئڻڪيھار آواز ڪڍي ابراھيم ڌيئرن کي چيو ” مون کي توھان کي چيو اکيون کڻي مون کي ڏسو “ راڻي ۽ سھڻي اکيون کڻي پيء اکين ۾ ڏٺو ابراھيم وڏي تڪليف مان روئندي ڌيئرن کان پڇيو مون کي ٻڌايو ” ڇا توھان نياڻيون انسان نه آھيو ”، راڻي ۽ سھڻي پي کي ڪو به جواب نه ڏنو خاموش رھيون ۔ابراھيم وري چيو جي اوھان انسان آھيو ته پوء مان توھان کي پٽ جي ڪيئي جي سزا ڇو ڏيان ۔ ڌيئرن ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي ۔ جو ڪري ھڪڙو لوڙي ٻيو ۔ انڪري کي مان رئيس کي سڌو جواب ڏئي آيو آھيان ڀل پٽ زاھد کي ڪيل خون جي سزا ۾ ڦاسي اچي وڃي ۔ پر خون چٽيء ۾ مان ڪا به پنھنجي ڌيء نه ڏيندس ۔

مخلص دوست فدا کوسو جو فرزند طاھر علي سان دادو ۾ نڪتل سيلفي
16/01/2025

مخلص دوست فدا کوسو جو فرزند طاھر علي سان دادو ۾ نڪتل سيلفي

ڪھاڻي : درس گاھتحرير : نور ڪنڀر گھٽين ۾ راند کيڏندڙ ٻار ريل گاڏي جي پري کان ڪوڪ جو آواز ٻڌي راند ڇڏي ڊوڙ پائي ريل جي پٽڙ...
10/11/2024

ڪھاڻي : درس گاھ
تحرير : نور ڪنڀر

گھٽين ۾ راند کيڏندڙ ٻار ريل گاڏي جي پري کان ڪوڪ جو آواز ٻڌي راند ڇڏي ڊوڙ پائي ريل جي پٽڙيء اڳيان اچي بيھندا ھئا ، جيڪي ٻار گھر ۾ ھوندا ھئا اھي گھرن جي ڇتين تي چڙھي ويندا ھئا ۔ رونشي ۾ اچي ڪي دٻا ڳڻيندا ھئا ته ڪي وري دريء کان ويٺلن مسافرن کي ھٿ لوڏي خداحافظ جا اشارا ڪندا ھئا ۔ اڄ جڏھن مدرسي ۾ حفظ ڪندڙ طالب مريد مدرسي ۾ قرآن پڙھندي ريل گاڏي جي ڪوڪ جو آواز ٻڌو قرآن رھل ۾ بند ڪري مدرسي جي ڏاڪڻين تان ڊوڙ پائي ريل گاڏي کي ڏسڻ لاء مدرسي جي ڇت چڙھي ويو ۔ مدرس حفظ ڪرائيندڙ حافظ يامين مدرسي ۾ ايندي مريد تي نظر پئجي ويس اتان ئي ھڪل ڪيس ” مريدو “ مريد استاد جو آواز ٻڌي ريل کي بنا ڏسندي يڪدم واپس وريو ۔ ڏاڪڻين تان تڪڙو لھي رھيو ھو ته حافظ يامين وري ڀڻڪيو ” اڙي ھيڏي قرآن کي بند ڪري ڪاڏي وئين ھئين “ مريد استاد جي ڳالھائڻ دوران تيزي سان ڏاڪڻين کان لھي اچي ھيٺ بيٺو، ساھ ھيٺ مٿي کڻيندي ، سھڪندي چيائين ” سائين ريل گاڏي ، ريل گاڏي کي ڏسڻ لاء ويو ھيس ”
” حافظ يامين لٺ کڻندي چيو ” ٻيا طالب سڀ پنھنجي سبقي پڪي ڪري رھيا آھن توکي ريل گاڏي ڏسڻ جي لڳي آھي ۔ توکي مان ٿو ريل گاڏي ڏيکاريان “ لٺ سان اچي ورتيس ريل گاڏي ڍڍ ڍڍ ۽ ڪوڪ ڪندي گذري وئي ، مريد جون دانھون ھيون ” سائين اڳتي مان ريل گاڏي ڏسڻ ڪون ويندس مون کي معاف ڪر ، او سائين مون توبھ ڪئي ، مون کي معاف ڪر “ ايتري ۾ مسجد جو خطيب مولانه لالڏنو مدرسي کان گذر ڪري مسجد وڃي رھيو ھو ، حافظ يامين کي طالب کي ماريندي ڏسي بھي حافظ يامين کي تنبيھ ڪئي
”معصوم طالب سان ڇو ٿو وڙھين ھي تنھنجو غلط طريقو آھي دين جي درس ڏيڻ جو “
حافظ يامين خار کائيندي مولوي لالڏني کي چيو ” تنھنجو ڪم آھي نماز پڙھائڻ ۽ ٻارن کي ناظران ، حفظ ڪرائڻ لاء جيسيتائين طالب جي مٿان گوڏا ڏئي نه ويھنداسين تيستائين ھي ڪونه پڙھندا “ وري مولوي لالڏنو حافظ يامين کي طالبن تي شفقت جي نگاھ رکڻ ۽ نه وڙھڻ لاء چئي مسجد ھليو ويو ۔ حافظ يامين ڪاوڙ مان لٺ رکي چيو ” زور سان پڙھو وھايانو نه سڀني تي لٺ “ ويھندي ويھاڻن تي ٺيڪ ڏئي چيو ” فرو “ جيڪو زور سان سبق پڙھي رھيو ھو ۔ ھڪ دم پڙھڻ جو آواز بند ڪري چيو ” جي سائين “
” ھيڏي اٿي آ “ فراز اٿي حافظ يامين اڳيان اچي بيٺو ۔ حافظ يامين چيس ”جيسيتائين نماز جو وقت ٿئي تون مون کي زور ڏئي “ فراز حافظ يامين جي پٺاڙي کي زور سان زور ڏيڻ لڳو ۔ڪجھ وقت کانپوء آزان آئي سڀ طالب قرآن رکي حافظ يامين سان گڏجي نماز پڙھڻ ويا ۔
مولوي لالڏنو پيش امامي ڪرڻ کانپوء ٽيھپري ڌاري پاڙي جي ٻارن کي ناظران قرآن جو سبق ڏيندو ھو ۔ تمام شفيق طريقو رکندو ھو ۔ سبق جي مشق ڪرائڻ لاء ذري ذري ڀيرو ڏياريندو ھو ۔ مار کان گريز ڪندو ھو ۔ ٻار به مڙيا پيا ھوندا ھئس ، پنھنجي بچن وانگر پيار جي نگاھ سان ھرھڪ ٻار کي ڏسندو ھو ۔
حفظ ڪندڙ ٻارن کي ٽيھپري نماز کانپوء ڪجھ وقت کيڏڻ لاء ملندو ھين ۔ جيڪي مدرسي کان ٻاھر گھٽيء يا وري ريل جي پٽڙي تي ھليا ويندا ھئا ۔ راند جي وقت ختم ٿيڻ تي مقرر وقت تي مدرسي ۾ پھچي قرآن پڙھڻ شروع ڪندا ھئا جو رات جو ساڍي نائين تائين سبق ياد ڪري مدرسي جي سھن تي سمھندا ھئا ۔ مدرس يامين ۽ مسجد جو موءذن به اتي سمھندا ھئا ۔صبح جو فجر جي نماز کان اڳ اٿي پڙھڻ شروع ڪندا ھئا ۔
فجر جي نماز ھر روز جيان مولوي لالڏني پڙھائي پنھنجي گھر ھليو ويو ۔ فجر جي نماز کانپوء ٻه ٽي جماعتي نماز اشراق پڙھي مسجد کان نڪري ويا ۔ موذءن به ڪم سانگي ھليو ويو ۔ ڪجھ طالب ٽوليون ٺاھي فقر وٺڻ لاء ٿالھ کنيا جن سان اسد به گڏ ھيو ۔حافظ يامين سڏ ڪري اسد چيو ” اسد تون ھت ھج فرو تون اسد کان ٿالھ وٺي تون وڃ ھنن سان ماني وٺڻ“ فراز تڪڙو ٿي اسد کان ٿالھ وٺي فقر وٺڻ لاء مسجد کان فقر وٺڻ وارن طالبن سان نڪري ويو ۔ حافظ يامين ويٺل ٽن طالب کي ڏسي کيسي ھٿ کڻي پيسا ڪڍي چيو ” مٿي ۾ سور آھي توھان منھنجي لاء مٿي سور جون گوريون وٺي اچو “
ھڪ طالب يڪدم ورايو ” سائين ڊاڪٽر جي ڀر وارو اسٽور ته دير سان لکندو آھي “
” اڙي ڇورا سرڪاري اسپتال جي ڀر وارو اسٽور ته چو ويھ ئي ڪلاڪ کليل ھوندو آھي “
” سائين اھو ته گھڻو پري آھي “
” منھنجو ٿو سور مان مٿو ڦاٽي ھنن کي پري جي لڳي آ ، پيرن ۾ لفون پيل اٿو ،يا وري موچڙو گھٽ ٿي ويو آھي جو جواب ڏيڻ سکيا آھيو ۔ اسد لٺ ته کڻي ڏي “
طالبن مار جي ڊپ کان جلدي چيو ” نه نه سائين اسان وڃون ٿا “ طالب حافظ يامين کان پيسا وٺي جلدي مدرسي مان نڪري ويا۔ حافظ يامين اسد کي چيو ” اسد “
” جي سائين “
” مسجد جو ٻاھريون دروازو بند ڪري آ “
” سائين فراز وارا ماني وٺڻ ويا آھن ؟“
” اھي موٺندا دروازو کڙڪائيندا نه ۔ دروازو جلدي بند ڪري مون ڏي اچ “ چئي مدرسي جي ڪمري ۾ ھليو ويو ۔ طالب اسد مسجد جو ٻاھريون دروازو بند ڪري مدرسي جي ڪمري ۾ اندر داخل ٿيو ۔ حافط يامين چيس ” در کي ڪڙو چاڙھي آ “ اسد ڪمري واري در کي ڪڙو چارھي حافظ يامين جي برسان آيو ۔ حافظ يامين چيس ” ھيڏي اچي منھنجي برسان ويھ ۔ اسد وڃي برسان ويٺس ته حافظ يامين ڪلھي کان ھٿ ڦرائي گيٺي تي آڻي ڳيٽي کي گھمائڻ لڳس ، ڳيٽي کانپوء چپن کي مھٽي چميون ڏيندي ڳالھايو ” ڏس اسد ٻين ٻارن کي ماريندو آھيان توکي صرف دڙڪا ڏيندو آھيان ، ٻين جي مقابلي تون مون کي وڻندو آھيان ۔ منھنجو ادب ڪندو آھين ۽ منھنجو چيو مڃندو آھين انڪري توکي ناھيان ماريندو“ آھستي آھستي شھوت پاڻ مٿان حاوي ڪندي اسد جي اڳٽ ۾ ھٿ وڌو ۔ اٺ سالن جي اسد جو رنگ ھيڊو ٿي ويو ۔ معصوم نگاھن سان استاد کي تڪي چيو ” سائين سور ٿيندو“ حافظ جلدي اسد جي ڳالھ ڪٽي منصوعي مرڪ چپن تي آڻي چيو ” بابا اڄ سور نه ٿيندئي “ حافظ يامين فقر وٺي ويل طالبن جي واپسي جي ڀوء کان جلدي شيطاني قوتن سان سٽ ڏئي اسد جي سلوار لاھي ورتي ۔ بگھڙ بنجي اسد جي مٿان چڙھي ويو ۔
ڪجھ وقت کانپوء سوء جو نوٽ کيسي مان ڪڍي اسد جي ھٿ ۾ پڪڙائي چيو ” شي وٺي کائجان ڪنھن کي نه ٻڌائجانء وڃ شاباس ٻاھريون دروازو کولي آ “ اسد مسجد جو ٻاھريون دروازو کولڻ ويو ۔
ٿوري دير کانپوء طالب به ماني وٺي پھتا ۔ مٿي سور جون ٽڪيون وٺي واپس ٿيا ۔
حافظ يامين وھنجي سھنجي صاف پاڪ ڪپڙن سان چھڙي مٿان شرافت جو غلاف پائي اڇو اجرو ٿي مدرسي ۾ طالبن کي پڙھائڻ لڳو ۔
ٻيھپري نماز کان اڳ مولانه لالڏنو مسجد جو ٻاھريون دروازو ٽپي مدرسي جي آڳر تي داخل ٿيو ۔ ڏسي ته ماڻھن جي گڏ ٿيل ھجوم سان گڏ پوليس موجود ھئي ۔ ھنگامو متل ھو ۔ حافظ يامين جي ٻانھن ۾ ھڪ سپاھي جو مضبوطي ھٿ پڪڙيل ھو ۔ حافظ يامين جو ڪنڌ زمين طرف جھڪيل ھو ۔ ھر ھڪ ماڻھو جي اکين باھ ٻري رھي ھئي ۔ ھر ڪنھن جي واتان گندا لفظ پي نڪتا ۔ مولوي لالڏني کي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نپي آئي ھي پوليس ۽ ماڻھو ڇو گڏ ٿيا آھن ۔ جيڪي عزت جي نگاھ سان ڏسندا آھن انھن جي نگاھن ۾ نفرت ڇو آھي ؟ ۔ ھي سڀ ڪجھ مٽيل ڏسي وائڙو ٿي ويو ۔ حد جي ٿاڻي جي ڊيوٽي انچارج منظور ڪاڪڙو ڦاڙي مولانا لالڏني سان مخاطب ٿي اکين اڳيان موبائل جھلي حافظ يامين جي طالب اسد سان ڪيل بدڪاري واري موبائل ۾ پيل وڊيو ڏيکاريندي زور سان ڳالھايو ” ھي ڏس ڏس ڇا ٿي رھيو آھي تنھنجي مدرسي ۾ اکيون ڦاڙي ڏس “ لالڏنو حافظ يامين واري ڪلپ ڏسندي اکيون کوپن کان ٻاھر نڪري آيس ۔ حافظ يامين ڏئي وڏي تعجب ۽ عبرت مان ڏٺو ۔ واتان لفظ نڪتس ” ھي ڇا “ جماعتي گلاب ڀڻڪيو ” مان ٿو ٻڌايائين ھي ڇا آھي ، مان حاجت جي خيال سان صبح جو مسجد جي ڪاڪوس ۾ ھيس جڏھن ٻاھر نڪري حافظ کي سلام ورائڻ لاء مدرسي جي ڪمري وٺ پھتس ڪمرو اندران بند ھيو دريء کان جھاتي پائي ڏٺم منھنجا ته لنڱ ڪانڊارجي ويا ۔ مقدس جڳھ تي ھي ڇا رھيو آھي يڪدم موبائل کيسي مان ڪڍي رڪارڊنگ ڪري شوشل ميڊيا تي اڇلايم ڀل اھڙن نانگ استادن جا ڪرتوت دنيا ڏسي جيڪي شاگرد بچي مثل آھن انھن کي ڪکيندين دير نٿا ڪن“ صوبيدار منظور مدرسو سيل ڪري حافظ يامين کي گھلي پوليس موبائل ۾ اڇلايو ريل گاڏي اچڻ جي ڪوڪ ھئين ۔ Asi منظور حافظ يامين کي پوليس موبائل ۾ کنيو ٿاڻي ڏانھن ھليو ويو ۔ ريل گاڏي ڪوڪ سان گڏ ڍڍ ڍڍ ڪندي گذري وئي ۔
ھڪڙي مڇي ڪني ٿيڻ جي ڪري سڄو تلاء ڪنو ناھي ٿيندو آھي پر ! سڄي تلاء تي اثر ضرور پوندو آھي ۔ حافظ يامين جي ڪرتوتن جي ڪري مولوي لالڏنو پنھنجي مٿان اثر سمائجندي ڏسي اندر مان درد ڀريو آواز ڪڍيو ڪاش ! درس گاھين ۾ ھھڙا واقعيا نه ٿين ، بدڪارن سان گڏ شريف انسان به بدنامي جي ڳڻپ ۾ ڳڻجو وڃن ۔۔۔

ڪھاڻي : حناتحرير : نور ڪنڀرڪمري ۾ ڳاڙھي زيري بلب جي جھيڻي روشني ھئي ۔ ٻاھر رات جي تاريڪي چنڊ نالي ذات نه ھئي ۔ رات پنھنج...
23/10/2024

ڪھاڻي : حنا
تحرير : نور ڪنڀر

ڪمري ۾ ڳاڙھي زيري بلب جي جھيڻي روشني ھئي ۔ ٻاھر رات جي تاريڪي چنڊ نالي ذات نه ھئي ۔ رات پنھنجا پاسا ورائي وچين پھر پھتي ۔ گھرن ۾ ،رستن تي ماٺاڻ ڇانيل ھئي ۔ اوڻٽيھ چنڊ جيان سڀئي ننڊ جي ڀاڪرن ۾ پيل ھئا ۔ حنا پيار جي اونھي سمنڊ ۾ گھڙڻ کانپوء ۔ اکين جون ننڊيون اڏائي ڇڏيون ھيون ۔ موبائل ، ڪمرو پاڻ ۽ شعيب سان موبائل تي ڊگھيون ڪچھريون ، ڪال جو ھڪ ڪلاڪ پورو ٿئي ته وري ٻيھر ڪال ۔ دل اٽڪڻ کانپوء اھڙو سلسلو آھستي آھستي وڌندو رھيو ۽ ھاڻ وڌي وڻ ٿي ويو آھي ۔ ڪال ٽاڪ کانپوء واٽس اپ وڊيو ڪال تي ڏسڻ کيچلون مذاڪون ڪرڻ پيار جي سرور ۾ گم ٿي پوڻ ۔ رومانس ڳالھيون ڪندي۔
حنا ۽ شعيب جي وچ ڳالھين جا حجاب ختم ٿي ويا ھئا ۔ ڪا به ڳالھ بي حجاب بي تڪلف ڪري وٺندا ھئا ۔
ڪال تي ڳالھائڻ کانپوء شعيب حنا کي واٽس تي اچڻ لاء چيو ۔ حنا ڪال ڪٺي موبائل جي نيٽ ڊيٽا کولي سيور ٻاري بيڊ تي ليٽي ۽ شعيب جي whatsApp تي ڪال آئي ، ھڪ ٻئي کي ڏسڻ سان ئي مرڪي پيا ۔ حنا جي مرڪڻ تي شعيب تعريف جا ٻه ٽي گل نڇاور ڪري ورتا ۔ حنا شعيب جي تعريف ڪرڻ تي ٻھڪي پئي ۔ ائين ڳالھيون جاري رھيون ڳالھيون ڪندي ڪندي شعيب ساڳو انگل ورجايو ” حنا مان تنھنجون خوبصورت ڇاتيون ڏسڻ ٿو چاھيان “
حنا ھر دفعي جيان ساڳو جواب ڏنو ” ڪجھ ڳالھيون نڪاح کان بعد جون آھن “
” ڇا تون منھنجي نه آھين “
” جي آھيان “
” يا اڃا ڪو گمان اٿي “
” نه ڪو گمان ڪونھي “
” آھين منھنجي ، ڪو گمان به ڪو نه اٿي ، مون سان بي حد محبت به ڪري ٿي ، پوء شادي کانپوء، شادي کان اڳ ڇا ۔ ڪھڙو اسان سنجوڳ ٿا ڪريون جو شادي کان اڳ متان ٻار ٿي پوي ماء ، پي ، ڀيڻ ، ڀائر ، مٽ مائٽ ۽ دنيا وارا ڇا چوندا رسوا ٿينداسين گلا جو توڳ لڳي ويندو “ اڄ شعيب ضد ڪري ھڪ ٽنگ تي بھي رھيو ۔ حنا شعيب جي ضد کي نه ٽرندي ڏسي وڏو ساھ کنيو ۔ خاموش اکين سان موبائل تي شعيب کي ڏسندي اکيون بند ڪيون ۔ خيالن جي واچوڙن ۾ وچڙندي وئي اونھي سوچ سان گڏ واچوڙي ۾ اڏري وئي ۽ خيالن جي ڊگھي ڊوڙ ۾ ڏسي ٿي ته ۔
شعيب ساڳي اسرار تي ٻيٺل آھي ۔ حنا کي تڪي رھيو آھي ۔ حنا چپن تي مرڪ آڻي چيو ” نه لھندي ضد تان “
” ھر گز نه “
حنا پلنگ تان اٿي موبائل ڪپٺ تي ٽيڪ ڏئي رکي موبائل جي سامھون ٿي ۔ چولو ۽ لاھي حيا مان مرڪي شرمائيندي چيو ” ھاڻ خوش ٿئين “ شعيب ڇاتين کي ڏسندي ٺري ۽ پيو ۽ ھا ڪئي ۽ تعريف جا وڏا وڏا ٻول ٻڌائيندو رھيو ۔ ٻن پيار ڪندڙن جي من مستيء ۾ رات گذري وئي سج اڀري ڏينھن کي روشن ڪيو دنيا جو ڪاروان ڏينھن اڇاڻ ھلندو رھيو سج به اوڀر کان اولھ طرف وکنيو وڌايندو معمول مطابق رات ڏانھن وڌيو ۔ ھر رات جيان حنا ۽ شعيب جي موبائل تي گفتگو جاري رھي ۔ شعيب ! ڇاتي ڏسڻ جي ضد پوري ٿيڻ کانپوء حنا جو ڪو نه ڪو انگ ڏسڻ جي فرمائش ڪري وٺندو ھئس نيٺ ھڪ رات سلوار کان به واجو ڪري ورتس ۔
شعيب پرائي ذات جو ھو ۔ حنا جو ڪاليج ويندي ھئي ته۔ ڪئي مھينا حنا کي حاصل ڪرڻ لاء جتن ڪيا ھئا ۔ حنا جيئن جواني تي چڙھي حسن ۾ نکري پئي ھئي ۔ ھر ڪنھن واتان پنھنجي سونھن جي واکاڻ ٻڌي پاڻ تي غرور ٿي پيو ھيس ۔ ڪافي ڇوڪرا پيار لاء رد ڪندي شعيب سان اڙي پئي ھئي ۔ گھر جي پابندين جي ڪري صرف موبائل تي شعيب سان رابطو رکي سگھي ۔ ڪاڏي ايندي ويندي ديدار ڪري پي سگھيا ۔
حنا حسين ھجن جي ڪري ھر ڪنھن جي اک ۾ ھئي ۔ پنھنجن مائٽن مان حنا جي لاء رشتو آيو ۔ حنا جي ماء پي پاڻ ۾ صلاح مسلڪ ڪري رشتي لاء ھا ڪري ڇڏي ۔ حنا ماء کي شعيب جي پيار جو ٻڌايو ۔ رھندو ماء ڪاوڙ ڪندي ماٺ ڪرايو ۔
حنا شعيب سان رشتي ٿيڻ جي حقيقت ڪري ڇڏي ھئي ۔ پر اڃا ھڪ ٻئي سان رات جو موبائل تي ڳالھائيندا ھئا ۔ حنا رشتي کانپوء ڳالھائڻ کي محدود ڪندي پئي وئي ان سوچ تحت شعيب سان اصل لاء لاڳاپا ختم ڪرڻا پوندا ۔
ھڪ رات شعيب ڪال ڪري چيس سڀاڻي مون سان ڪھڙي حالت ۾ ملي ۽ ضد ڪيس حنا معلوم ڪيس ته ڇو ملي وڃان شعيب چيس مان توکي ٻانھن ۾ ڀري پنھنجي بستر جو سينگار ڪرڻ ٿو چاھيان ، جنھن تي حنا صاف انڪار ڪيس ۔ اڄ کانپوء وري نه ڳالھائن جو فيصلو ٻڌائي ڪال بند ڪئي ۔ ۽ افسوس مان ڪرسي تي ويٺي ۔ ڪجھ منٽن کانپوء واٽس اپ تي ميسجن اچڻ جي ٽون وڳي حنا موبائل کولي وٽس اپ ۾ وئي شعيب جي وٽس اپ تان حنا جون پنھنجون اگھاڙيون تصويرون موڪليل ھيون ۔ حنا پنھنجون اگھاڙيون تصويرون ڏسندي ششدر ٿي ، مٿو چڪراجي ويس اکين اڳيان ڌنڌ اچي ويس ۔ ھڪ دم نڙي ۽ چپ خشڪ ٿي ويس ۔ پيار ۾ شعيب تي اعتماد جو سلو سڏي پيرن ھيٺيان زمين تنگ ٿي ويس ۔ شعيب جو وائيس ميسيج به آيل ھيو ۔ پاڻ سنڀاليندي حنا ميسيج کي کوليو ” ڏس حنا ڪيترو وقت تنھنجي پيار کي ڏنو اٿم آس ته ھئيم تون منھنجي ٿيندي پر ! جي تون منھنجي نه ٿي سگھين ھڪ رات گذارڻ جو به حق ناھي جي جدا ٿي مون کي تڙپائيندينء ته مان توکي ڪون ڇڏيندس ۔ ڏس عزت سان مون ڏي سڀاڻي رات ڪو به بھانو ڪري ھلي آ جي نه آئينء پوء جيڪي تنھنجو اگھاڙيون تصويرون جيڪي توڏي موڪليون اٿم اھي تصويرون تنھنجي ڀائرن ، تنھنجي پي تنھنجي مائٽن ۽ شوشل ميڊيا تي رکندس ۔ تنھنجو مون وٽ نه پھچڻ منھنجو تصويرون موڪلڻ ھوندو پوء مون تي ميار نه رکجان “
حنا ميسيج ٻڌڻ کانپوء سن ٿي وئي ۔ اکين اڳيان انڌيرو ڇائجي ويس اکيون بند ڪري ڳاٽو زمين ڏانھن منھن لاڙي ڪي گھڙيون ماٺ ۾ رھي ۔ چھري تان يڪدم رونقون خزائن جي سحرائن ڏانھن اڏري ويون ۔ پاڻ کي ٽياس تي ٽنگيل محسوس ڪيائين ۔ زندگي سڪرات جي پلنگ تي لا اعلاج مريض جيان پيل ڀايائين ۔ ڇا ڪري ، ڪنھن چوي ۽ ڪين ڪري ھر ڳالھ سوچ کان ڊگھي ٿيندي وئي ۔ محبت ڪندي عزت جا جنازه نڪرندا آھن ھن ڪڏھن اھو تصور ئي نه ڪيو ھو ۔ گھڙيال جا ڪانٽا به سرڪش گھوڙي جيان تيز ڊوڙ ۾ ھئا ۔ رات کان صبح ، صبح کان منجھند ، منجھند کان رات طرف ڊوڙيا ته حنا جو ساھ مٺي ۾ اچي پيو ، جي رات جو شعيب نه وئي ته شعيب ھن جون اگھاڙيون تصويرون سڀني ڏي موڪلي ڇڏيندو ۔ ھاڻ ھي ڇا ڪري ھن کي ڪجھ سمجھ ۾ آيو ۔ وڃي عزت نيلام ڪري شعيب جي ٻانھن ۾ رات گذاريان ذھن ۾ سوال اڀريو ڇا ائين ڪرڻ سان ھو تصويرون پنھنجي موبائل مان ميساري ڇڏيندو ۔ جيڪو حوس خاطر پيار جو ڀرم نه ٿو رکي سگھي ۔ اھو تصويرون ڪيئن ميسياريندو ۔ ۽ منھنجي انگھاڙين تصويرن جي ڌمڪي ڏئي مون کي بليڪ ميل پيو ڪندو رھندو ۔ سوچيندي سوچيندي حنا جي کوپڙي درد مان ٺڪا ڏئي رھي ھئي ۔ پنھنجن غلطين جي ازالو جو ڪين ڪري ۔ شعيب ڏي وڃڻ نه پي چاھيو ٻيو رستو ھن کي خودڪشي نظر آيو ۔ ڪافي سوچ وڙھائڻ کان پوء ھن خودڪشي کي ئي بھتر سمجھو ۽ شعيب جي ڏنل وقت پھريان خودڪشي ڪرڻ چاھي تاڪي شوشل ميڊيا يا ڪنھن وسيلي ھن کي خبر پوي ته حنا خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ تصويرون ڪنھن ڏي نه موڪلي من عزت تي پردو رھجي وڃي ۔ حنا پنھنجي موبائل جي ڊيٽا ڊليٽ ڪري ۔ ڪمري کي اندران ڦڙتي ڏئي پلنگ تي ڪرسي رکي پکي ۾ پوتي سڪ ٻڌي پنھنجي ڳچي ۾ پوتي سڪ ٻڌي ڪرسي کي لت ھڻي پري ڪيو ساھ جي تند جسم مان آجي ٿي روح جسم کي الاوداع ڪري آسمان طرف رونا ٿيو۔ حنا خيالن جي واچوڙن مان ڇرڪ ڀري نڪري اونھي سوچ کي ذھن مان ڇڊنڪو ڏئي لاٿو ۔ ساڳي ھنڌ موبائل ۾ گھور وجھي شعيب ڏٺو۔ شعيب ڳالھايو ” ايترو وقت ڇا سوچي رھي آھين ڪاڏي گم ٿي وئينء لاھ چولو ڏيکار ڇاتيون “ حنا چپن تي مرڪ تاري چيس ” اگر شادي تائين انتظار ڪري سگھين ٿو ٺيڪ آھي نت شادي کان اڳ مان پنھنجي جسم تان ڪپڙو لاھي نه ٿي سگھان وڌيڪ تنھنجي آ مرضي “ حنا جو صفا ٺوس جواب سان مضبوط ۽ اٽل ارادا ڏسي سمجھي ويو ۽ ضد تان لھي ڪري شادي تائين ماٺ رھڻ جي لاء ھا ڪئي ۔

ڪھاڻي :  اڙانگو سفرنور ڪنڀر” جانو توکان سواء زندگي ۾ مزو ناھي “ ”ھونئن اھو ڪيئن “ ” اھو پيار جو ھڪ سرور آھي جنھن سان دلڙ...
02/10/2024

ڪھاڻي : اڙانگو سفر
نور ڪنڀر

” جانو توکان سواء زندگي ۾ مزو ناھي “
”ھونئن اھو ڪيئن “
” اھو پيار جو ھڪ سرور آھي جنھن سان دلڙي لڳندي آھي ان کان سواء دنيا ۾ ڪجھ به ناھي وڻندو “
” معنىٰ ته مون کان سواء توکي ڪجھ به نٿو وڻي “ خوشبو ھلڪو ٽھڪ ڏنو ڳالھائيندي چيو ” چريا ايڏو پيار نه ڪر جو مون کانسواء متان جِي نه سگھين “
وقار سنجينده ٿيندي چيو ” توکان سواء جيئڻ به ڪھڙو ته مرڻ به ڪھڙو “
” مون به خدا کان اھو ئي گھريو ھو ڪو اھڙو ماڻھو منھنجي زندگيء ۾ اچي جيڪو مون سان تمام گھڻو پيار ڪري ۽ مون کي مسڪيني حال مان ڪڍي، ڪو پوري حياتي خوشبو به سک جو ساھ کڻي “
” پيار جي کوٽ توکي ڪو نه ڏيندس باقي الله جو ايڏو ڏنو آھي جو ڪارن ۾ گھمندي تون ڪارن ۾ “
” ايڏا ته خواب نه ڏيکار جو ھينئر نه اچي تو وٽ پھچان “
” مان ڇا ٿو چاھيان تون ته مون سان گڏ ھجين نه ، مون پنھنجي دل جا دروازا پنھنجي مٺڙي ، پنھنجي سھڻي لاء کولي ڇڏيان آھن “
” الا ايڏا مسڪا “
” قرآن مسڪا نه آھن “
” ھل ڪوڙا “
” ڪوڙ ڳالھايان ڪافر ٿي مران “
” ھل ڙي مان ٿي مذاق ڪريان مڙسالو الائي ڪاٿي ٿو وڃي پھچي “
” تنھنجي پري رھڻ ماري رکيو آھي ڇا ڪريان “
” اوسيئڙو ڪر ٻيو ڇا ڪندي “
”اڃا ڪيترو “
” صفا ٿورڙو “
” ھاء موبائل کانسواء ڪڏھن سامھون ملنداسين ڪي قرب ڀريون ڪچھريون ڪنداسين ۽ ھڪ ٻئي جو ديدار ڪري ڌوء ڪنداسين “
” ھاء راڻا مون به کي سڪ ڏاڍي آھي ڇا ڪريان ڇوڪري آھيان ڪيئي پابنديون مٿان مڙھيل آھن ” خوشبو جو آواز صفا آھستي ٿي ويو ” وقار ڪمري طرف بابو پيو اچي مان فون رکائينء ٿي “
وقار تڪڙو ڳالھايو ” نه نه نه ھڪ منٽ “
” جلدي جلدي چئو “
” ھڪ چمي “
خوشبو ھلڪو کلندي اتي به نه مڙندي ” آآآآآآآ ھھھھھھمممممم “
” ھاء ھاء دل ٺري پئي “
فون ڪٽجي وئي ۔ وقار جي چپن تي مرڪ تريل رھجي وئي ۔ وقار موبائل تي وقت ڏٺو رات جا اڌائي ھئا ۔ ڪمري ۾ زيري بلب جي ھلڪي روشني ھئي ٿڌي موسم جي ڪري ٿڌ به ججھي ھئي ۔ وقار مٿن کان ويھاڻي ڀرسان موبائل کي رکي سوڙ مٿان وجهي سمھي پيو۔
وقار جو خوشبو سان ڳالھائن جو سلسلو مسلسل ھلندو رھيو ۔ وقار جي مٿان محبت مسلط ٿيندي وئي ۔ دماغ جي دڪان مان دنيا جو وکر ختم ٿيندو ويو ۔ ھڪ بچو پيار جو وکر ۔ جنھن جو صبح و شام ، رات سنڀارڻ ۾ ھو ۔
ھر وقت ھوائن ۾ احساسن جا پوپٽ اڏرڻ شروع ٿي ويا ۔ چئن طرفن سڱنڌ جو واس پکڙجي ويو ۔ خوشين دروازي تي اچي دستڪ ڏني ۔ جواني به پڪي ٻير جيان جوڀن رت ۾ داخل ٿي ھئي ۔ اوچتو اھڙو پيار جو پيچ اٽڪجي ويو ۔ جو وقار کان دنيا وسري ويس ۔ بس ! ھڪ محبوب جي سڪ آرام ڦٽائي ڇڏيو ۔ ھر وقت دل ، دماغ تي محبوب جي ڳالھين کان سواء ٻيو ڪجھ به نه ھو ۔ بس ھڪ تون ئي تون ۔
وقار عشق جي اڙانگي سفر ۾ ڄار ۾ اھڙو جڪڙجي چڪو ھو ۔ جو مٽ ، مائٽ ،يار دوست سڀ رشتا بي معنىٰ رھجي ويا ھڪ خوشبو جي اڪير دل ۾ ٻئي ڪنھن کي اچڻ نه ڏنو ۔
ديدار جي تڙپ ، ملڻ جي آس وڌي اندر ۾ طوفان مچائي رکيو ۔ جيڪو طوفان دل جي اندر جي ڀتين سان ٽڪرائجي وڌيڪ بيداري پيدا ڪري رھيو ھو ۔ نيٺ صبر جا پيمانا ٽٽا ۽ ملاقات لاء ڏينھن مقرر ٿيو ۔
خيالن جي اڏام يار سان ملڻ لاء بيتاب ته ھئي وقت جي مقرري وڌيڪ بي سڪون ڪري رکيو ۔ وقار ڏاڍو پاڻ کي سنواري سنگاري وڳو، سينڊل نئون پائي ۔ سٺي ملھ واري سوکڙي وٺي يار سان ملڻ لاء پنھنجي شھر کان يار جي شھر طرف ڪوچ تي نڪري پيو ۔
ڪوچ جي دري واري پاسي ويٺو ۔ ھلندڙ ڪوچ مان ٻاھرين ماحول جي عڪاسي ڪري رھيو ھو ۔ ھر منظر حسين لڳي رھيو ۔ پيار ۾ پھرين ملاقات دل جي دنيا ئي بدلائي ڇڏي ھئي ۔ ھر شي خوبصورتي بخشي رھي ھئي ۔ خوشبو جا ھزارين خيال دل دستڪ ڏين پيا وري اڏري پيا وڃن ۔ خوشبو جي ڪپڙن ، والن ھار سينگار ، واسينگ وارن چڳن ، ٻانھن ۾ ڪنگڻ ، کلڻ، ملڻ قرب ڀري ڪچھري جي باري ڪئي خواب پي اڀريا ۔ خوشبو جي رکي رکي ڪال آئي پوزيشن معلوم ڪرڻ لاء۔ ڪوچ منزلون طئي ڪري خوشبو جي شھر پھتي ۔ وقار ڪوچ تان لھي يار جي شھر جي سر زمين کي ادب سان سلام ورايو ۔ يار کي پھچڻ جو اطلاع ڏيندي يار سان ملڻ جي مقرر جاء طرف روانو ٿيو ۔ جاء تي پھتو ۔ خوشبو جي ڪال آيس ” بي کٽڪي اندر ھليو اچو بابا نوڪري ويو آھي ، امان خانگي اسپتال وئي آھي ويڄ (ڊاڪٽر ) کي ڏيکارڻ ۽ خوشبو تنھنجون راھون نھاري رھي آھي ھلي آ اندر “ وقار جي دل جي دڙڪن تيز ٿي وئي جنھن کي جان کان وڌيڪ پيار ڪري رھيو هو اھا آجيان لاء منتظر بيٺي آھي ۔ وقار آھستي آھستي قدم کنيا گھر جو دروازو ٽپي گھر ۾ اندر داخل ٿيو ۔ آڳر تي خوشبو نه نظر اچڻ ڪري ڪمري طرف وڌيو ۔ ٻاھريون دروازو جو کڙڪو ٿيو وقار تڪڙو پوئتي ڪنڌ ورايو ھڪ ھمراه چپن تي مرڪ آڻي دروازي کي ڪڙو چاڙھيو ۔ٻه ھمراه ھٿيارن سان ڪمري کان نڪري آيا ۔ انھن مان ھڪ کلندي چيو ” وقار تون خوشبو وٺ پھچي وئين “ ھمراه جي ائين چوڻ تي ٽھڪڙو پئجي ويو “ وقار ششدر ٿي ويو ، وايون بتال ٿي ويس ، سڀ ڪجھ تباھ ٿيندي نظر آيس۔
ڏاڍا موچڙا کائڻ کان پوء پيء ڏي فون ڪئي” بابا مان ڌاڙيلن جي قيد ۾ آھيان 16 سورنھن لک ڏئي مون کي آزاد ڪراء نه ته ھي مون کي ماري ڇڏيندا “ وقار سڏڪا ڀري اوڇنگارون ڏئي روئي پيو۔

۔۔۔۔۔

۔ڪھاڻي : اليڪشن 2024نور ڪنڀرماڻھن جو ھجوم گڏ ٿيل ھو سڀئي ماڻھو ھڪ ٻئي جي پويان ائين سٿيا بيٺا ھئا جيئن بينظر ڪارڊ جي پيس...
02/10/2024

۔ڪھاڻي : اليڪشن 2024
نور ڪنڀر

ماڻھن جو ھجوم گڏ ٿيل ھو سڀئي ماڻھو ھڪ ٻئي جي پويان ائين سٿيا بيٺا ھئا جيئن بينظر ڪارڊ جي پيسن وٺڻ لاء ATM ڪارڊ تي رش ھوندي آھي يا وري ٻوڏ متاثرن کي بريانين جون ٿيلهيون ملنديون آھن ۔ ماڻھن جو ھجوم اھڙو ئي ڏيک ڏئي رھيو ھو ۔ انھن مان ڪجھ وٿيرڪا الڳ الڳ به بيٺل ھئا ۔وريام ايندي ئي ھجوم ۾ گھڙي پيو ، زور لڳائيندو ماڻھن کي چيريندو اڳيان اچي بيٺو ۔ رئيس الھداد کٽ تي ويٺو هو. رئيس الھداد قد جو پورو پنو ، منھن گول ،اکيون وڏيون ، رنگ جو سانورو ،اڇو ڪاٽن جو وڳو پهريل ، راڊو واچ کاٻي ٻانھن ۾ ٻڌل، گلن جا ھار ڳچيء ۾ پاتل ھيس ۔ گلن جون پتڙيون ٻه، ٽي گھنڊيدار وارن ۾ ڦاٿل ھيس گھڻي تعداد پتڙيون زمين تي پکڙيل ھيون رئيس سان گڏ آيل ۽ حمايت ڪندڙ کٽ جي چئو طرف مڙيل ھئا ۔ رئيس جو خاص وفادار واٺو سرور جيڪو ڳوٺاڻو ئي ھو رئيس ۽ پارٽيء جا زور زور سان نارا ھڻي رھيو ھو. ھجوم مان ڪن ناري جو جواب ڏنو پئي ته ڪن ڏنو ئي ڪو نه پئي ۔ رئيس الھداد پنھنجن لڳندڙ نارن تي ٻھڪندي پئي نظر آيو ۔ زور زور سان نارا ھڻندڙ سرو نارن کان پوء رئيس الھداد کي وڏا خطاب ڏيندي گھرائڻ پي چاھيو ۔ اوچتو ھجوم ۾ ھڪ آواز پڙلاء ڪري اٿيو ” ڪوڙن ڪائنرن کي ھاڻ ڪونه ٻڌنداسين “ رئيس الھداد سميت سڀني جون اکيون حيرت ۽ عبرت مان ان ڏي ويون اُھو ڳوٺ جو ڳڀرو جوان وريام ھو جنھن وڏو جگر ڌاري ھيڏي ميڙ ۾ رئيس الھداد کي ٻڌڻ کان انڪار ڪيو ۔ سڀني جي نظرن جو مرڪز بڻجڻ کانپوء وريام ڳالھايو ” ھاڻ رئيس ٻڌندو ته اسان کي ٻڌندو “ ايتري ۾ رئيس جي واٺي سرور تڪڙو وريام جي ڳالھ کي رد ڪندي ” ھا بابا ھا پھريان رئيس ڳالھائي پوء توکي ٻڌون ٿا “
مٿان وريام وراڻو ڏيندي چيس ” اڃا رئيس کي ڇا ٻُڌون پنج سال جيڪي ڪوڙيون ڳالھيون ٻڌائي ويو ھو، اھي ساڳا قصيده پڙھندو ، ڪوڙا وچن ، وعده ڪري اسان کان ووٽ وٺي وري پنج سال نظر نه ايندو “
” وريام بس بس عقل سک رئيس ڳوٺ جو چڱو مڙس آھي ائين رئيس خلاف ڳوٺ وارن جي اڳيان ڳالھائبو ناھي توکي رئيس سان ڪا شڪوه شڪايت آھي ته رئيس جي اوطاق تي اچي ڪجانء تنھنجو مسئلو حل ٿيندو بس نه “
وريام وڌيڪ جذبات ۾ ايندي سرور کي چيو ” جيڪو ڳالھائيندس هتي ڳالھائيندس ھي صرف ھڪ وريام جو مسئلو ناهي پر ! پوري تر سان ويساھ گھاتيون ٿيل آھن “ ھاڻ وريام اکيون سرور کان ھٽائي رئيس الھداد ڏئي ڪيون ” رئيس ! ٻڌا مون کي اسان سڀئي ڳوٺ وارا تنھنجي نظر ۾ ڇا آھيون ؟ ڍور ڍڳا جانور جيڪي اسان جا بنيادي حق آھن ۔اھي به اسان کي نٿا ڏنا وڃن ڇو ؟۔ ڳوٺ ۾ اسڪول آھي اتي ڪو ماستر نه آھي ٻارن کي پڙھائڻ لاء ۔ تنھنجو اولاد ڪراچي جي وڏن اسڪول ۾ پڙھي ٿو ۽ اسان جا ٻار تر جي اسڪول ۾ به نه پڙھن ڇو ۔ ڳوٺ ۾ روڊ جي حالت ڏس ڌڌڙ پئي اڏري ۔ نالين کي نيڪال ناهي سدائين گھٽين ۾ پاڻي بيٺو آھي ۔ نه بجلي ، نه پيئڻ لاء صاف پاڻي ، نه گيس ۽ نه اسپتال ۾ دوائون آھن. ڀل ايمرجسني ۾ ڪا مائي ويم ۾ يا ڪو مريض تڙپي تڙپي مري وڃي ۔ پر ! ڪا انھن لاء علاج جي سھولت ڪانھي ۔ نوڪري ته پري جي ڳالھ آھي پنجن سالن ۾ تو اسان کي ڏنو ڇاهي؟ ! صرف صرف ئي ھڪ ئي ڪم ٻڌا ۔جيڪو تو عوام لاء ڪيو هجي ۔ھن تر جي ھيڏي ساري بجيٽ ڪاڏي ٿي وڃي ۔ رئيس ٻڌا سڀني کي“ رئيس الھداد وريام جون تکيون مٺيون ڳالھيون ٻڌي ڳاڙھو ٿي ويو اکيون زمين ۾ ھڪ ھنڌ کپائي ويھي ٻڌندو رھيو ۔ سرو رئيس جي حالت ڏسي وري ڀڻڪيو ” وريام وريام سڀ ڪجھ ٿيندو تون بس بس ڪر “
” ھاڻ ڪجھ ٿئي يا نه ٿئي کلم کلا اعلان آھي اسان مان رئيس ووٽ جي توقع نه رکي جو وري ووٽ وٺي پنجن سالن کانپوء منھن ڏيکاري “ رئيس کي وريام ڳالھائڻ جو موقعو نه ڏنو رئيس الھداد کٽ تان اٿي کڙو ٿي پيجارو تي چڙھي ۔ پويان ڇاڙڪن جو ڊنب رليو ويس ۔ ماڻھن جي ھجوم ۾ سو ماڻھو سو ڳالھيون ڪن ڪيئن چيو ته وري ڪن ڪيئن چيو ۔
وريام گھر جي آڳر تي کٽ تي وني شبانا سان ويٺي رئيس الھداد بابت بحث پئي ڪيو. سندس وني وريام کي چيو ” رئيس کي سڄي ڳوٺ اڳيان ذليل ڪري واپس ڪيو اٿئي ڇا اھا ڳالھ رئيس کان هضم ٿيندي خوف ورايو اٿم ڪاٿي نانگ وارو وير رکي ڪکي نه رکيئي “
” ڀلا پنھنجي حقن وٺڻ لاء گونگا ، ٻوڙا لڳا وتون انسان آھيون جانور ٿوڙي هون جو خاموش بنجي سڀ ڪجھ ڏسندا ۽ سھندا رھون ۔ حق لاء ڳالھائبو تڏھن حق ملندو اگھور ننڊ ۾ ستل قومون گونگا ڳوڙھا ھاري پنھنجي قسمت تي ماتم ڪرڻ بنا خاموشي قبولي ماٺ جي زھر جو پيالو پي نسل در نسل جيئنديون مرنديون رھنديون آھن “
شبانا وريام جون سچيون پڪيون ڳالھيون ٻڌي بس ڪئي وڌيڪ دکي کي دکائڻ لاء ڪاٺين کي نه سيريو ۔ شبانا خبردار ھئي وريام جي جوش ۽ ولوي مان ۔
اليڪشن جو ماحول زور شور سان آخر ووٽن واري ڏينھن تي پھتو ۔ ھر پارٽي جا رڪشا ، گاڏيون در در تان ماڻھو کنيو پولنگ اسٽيشن تي پئي پھچايا ۔ جن ۾ عورتن جو تعداد وڌيڪ ھو ۔ ويجھي وارا مرد پنڌ وڃي پھتا ۔ ريئس الھداد جو ڇاڙڪو سرو گاڏي تي ڳوٺ جي ڌڌڙ اڏاريندو وريام جي در پھتو۔” ھل پنھنجا ڀائر ۽ ٻار وٺي رئيس کي ووٽ ڏي “۔ وريام سڌو انڪار ڪيو ”ووٽ ڪنھن صورت ۾ ريئس کي ڪو نه ڏينداسين“ ۔ سرو ڏاڍو زور ڀريو ، وريام ڪابه ڳالھ نه مڃيندي واپس ورائي ڇڏيو ۔
ووٽنگ جو ٽائيم صبح کان ھلندي شام جو پنجي وڳي پورو ٿيو ووٽن جي ڳڻپ غير حتمي رزلٽ نمائندن کي ٻڌائي وئي رئيس الھدد وڏي ليڊ ڏئي مخالف ڌرکان ھر دفعي جيان ھيل به کٽي ويو ۔ وريام ڏاڍو ڏکارو ٿيو ۔ ساڳي ڪھاڙي ساڳو ڳن ۔
ڪجھ ڏينھن گذرڻ بعد رئيس الھداد پنھنجي اوطاق کان ڇاڙڪن سان گڏ ڦور ويل گاڏي تي ڳوٺ جي رستن تان ڌوڙ اڏاريندا اچي وريام جي گھر اڳيان زور سان بريڪ لڳائي تيز بريڪ لڳڻ ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻھن جو توجع رئيس جي گاڏي طرف ھليو آيو ۔ وريام پنھنجي گھر کان جيئن ٻاهر نڪتو ۔ سامھون رئيس الھداد کي ڏسي ھڪ ھنڌ بيھي رھيو ۔ رئيس جا ڇاڙتا رئيس کان اڳ گاڏي مان ائين لٿا جيئن پوليس جا جوان ڪنھن تي حملو آور ٿيندا آھن ۔ ائين لھي ھٿن ۾ ھٿيار جي پڪڙ کي مضبوط ڪري جسم ۾ ڦڙتي آڻي چھري تي رعب آڻي ورتو ۔ رئيس جون اکيون ٽانڊا ڇڏي رھيون ھيون ، چھرو ڪاوڙ مان ڳاڙھو نظر پئي آيو ۔ ڪاوڙ مان وريام طرف اکيون ھيون ۔ زبان مان باھ جا لاوا ڪڍندي رئيس رڙ ڪري وريام کي چيو ۔ ” ڪوري ڪوري جا پٽ تنھنجي اھا مجال ٻن ووٽن جي ڪري سڄي ڳوٺ جي ماڻھن جي وچ ۾ مون کي ذليل ڪري واپس ڪيو “ وريام رئيس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ “ اڃان زبان مان لفظ مس ڪڍيو رئيس ھڪل ڪندي بس ڪر ڪتي جا پٽ ، وٺوس ھن جي ڀيڻ کي وٺي ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ “ رئيس جو ايترو چوڻ ڇاڙڪا ڪتن وانگر شڪار تي ڪاھجي پيا ۔ وريام به ٻن ، ٽن کي مڪون وھائي ڪڍيون ، ڇارڪا وريام کي ڌڪن سان وٺي ويا۔ وڌيڪ وريام کي وڙھڻ جي وٿي ئي نه ڏنن ، زبرا ڌڪ ھڻي گھليندا اچي رئيس اڳيان جھليونس ۔ رئيس ڏندن کي ڀڪوڙيندي وريام جي وارن ۾ ٻئي ھٿ وجھي زور سان ڇڪي ھٿ ڀڪوڙي زوردار مڪون وريام جي منھن تي ٺوڪيون ۔ ماڻھن جو ميڙ وڌندو ويو ۔ شبانا گوڙ تي ڊوڙ پائي در جي چانئٺ تي پھتي ۔ رئيس وريام جي گلي ۾ ھٿ وجهي گهليو پئي “ توکي روڊ کپن ، رستا کپن ، اسڪول کپن ، بجلي کپي ، گيس کپي ۽ اسپتال کپي ھان نه ۔ ايڏو وڏو احسان آھي منھنجو توهان مٿان جو ۔ سڪون جو ساھ ٿا کڻو ،امن سان رھيا پيا آھيو ۔ اٿو ويھو پنھنجي مرضي سان ٿا اھو منھنجو احسان نه آھي ۔ ڪتي وارو نوڙ ڳچي ۾ وجھي ھر روز توھان کي گھليان پوء سڌا ٿيندو اڄ توکي ٻڌايان ٿو ڪيئن ڳالھائبو آھي “ رئيس لتن مڪن سان وٺي ويس گگ پئي ڳڙيس ۔ شبانا کان مڙس مٿان تشدد برداست نه ٿيو ڊوڙندي اچي رئيس اڳيان ٻانھون ٻڌي بيھي روئيندي چوندي رھي ” رئيس رئيس غلطي ٿي وئي آھي وريام کان اڄوڪو ڏينھن بخشينس وري اھڙي غلطي نه ڪندو رئيس مون نياڻي جي ھٿن کي ڏس “ رئيس شبانا جي منٿن کي توجع نه ڏيندي وريام مٿان جوتن جو وسڪارو لائي ڏنو ۔سھڪي پيو ھو وڏا وڏا ساھ کڻي رھيو ھو ۔ شبانا پنھنجي مٿي جو رئو لاھي رئيس جي قدمن ۾ اڇلايو ايلاز ڪرڻ لڳس ۔ رئيس رڙ ڪئي سرو بندوق ڏي سرو تڪڙي رئيس جي ھٿ ۾ بندوق ڏني ريئس وريام کي زور سان لت ھئين وريام وڃي پٺي ڀر زمين تي ڪريو ۔ رئيس تڪڙ ۾ گهوڙو چاڙهي بندوق وريام تي سڌي ڪئي شبانا مڙس مٿان ڪرندي روئيندي رڙيون ڪيون ۔ رئيس ٽرائيگر ۾ آڱر وجھي ٽرائيگر کي پاڻ طرف ڇڪيو ۔ بندوق مان گولي نڪرڻ سان زوردار ٺڪاء ٿيو ۔ شبانا جي چيخ آسمان سان وڃي لڳي۔ شبانا جي رڙ کان پوء خاموشي ڇانئجي وئي ۔ ڳوٺ جا سڀئي بيٺل تماشبين ماڻھو رئيس وريام ۽ شبانا کي تڪي رھيا هئا۔ رئيس ڪاڪڙو ڦاڙي رڙ ڪئي ” مائي وريام کي تنھنجي معافي وٺڻ جي ڪري بخش ٿو ڪريانس ۔ اگر ! جي وري اھڙي غلطي ڪئي ته مان ھوائي نه ڪندس تو سميت وريام جي سيني ۾ گوليون لاھيندس ۔
رئيس الھداد شبانا سان ڳالھائي سڀني ٻيٺلن ماڻھن کي خون خوار نظرن سان ڏٺو ۔ رئيس جي ڏسڻ تي ، ڪن جي نظرن ۾ حقارت ڀرجي آئي ، ڪي خوف ۾ ورتل ھئا۔
وريام زمين تي بيحال پئي ھوندي به رئيس طرف پنج آڱرين جو بجو ٽنگيو۔شبانا بجي کي جلد پڪڙي ھيٺ ڪيو ۔رئيس اکين ۾ برندڙ باھ جا لاوا ماڻھن تان ھٽائي گاڏي تي چڙھي ڌوڙ اڏائيندو پنھنجي اوطاق طرف روانو ٿيو ۔

Address

Dadu
76200

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi Story Noor kunbhar سنڌي ڪھاڻي نور ڪنڀر posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category