27/06/2025
{مرثيو ، سچل سائين }
اي قلم ! کولي زبان ، ڪربلا جي ڪار لک
ظالمن جا ظلم ظاهر ، زاريون ڪي زار لک
آھ زاري ، بيقراري ، رواداري ۽ صبر ،
تير جو ٿي ويو نشانو ، نڍڙو اصغر ٻار لک
رات شاديء جي بہ لک ۽ لک شھادت جي بہ رات
موڙ لک ، ميندي بہ لک ، ڌڙ سسيء کان ڌار لک
اي ادا قاصد ڪبوتر ، سڌ ٻڌاء سردار جي
ساٿ تنهن صابر سندو ، ٻيو مٿان سڀ مار لک
جنهن گلي تي چاھ مان ، چميون ڏنيون نور نبي
تنهن گلي تي تيغ جو ، وهي ويو اڄ وار لک
اي سچل ! شب روز تون ، صلوات پڙھ سيد مٿي
ڏيهن محشر حامي ٿيندو ، حيدر قرار لک