16/03/2026
آمريڪا ايران سان وڙهڻ کان پوءِ پنھنجن توڙي پراون کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪا جو ھي بدلجندڙ ڪردار ڪٿي دنگ ڪندو ۽ ان جو فائدو ڪنھن کي ٿيندو ۽ نقصان ڪنھن کي ٿيندو. آمريڪا جي ماڻهن به پنھنجي پھچ آھر سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ ريت آمريڪا جي ايوانن تائين پنهنجو آواز پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ پنھنجي رت جي آخري ڦڙي تائين ڪندا رھندا. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ايوانن ۾ ويٺل ماڻهو انسان گھٽ مشينون وڌيڪ ھوندا آھن انڪري انھن جي خيرخواھن ۽ سچن ماڻهن جو آواز انھن تائين پھچڻ کان اڳ ۾دٻجي ويندو آهي. يقينن ھر انسان جو انداز بيان ھڪٻئي کان مختلف ھوندو آھي پر پيغام سڀني جو ساڳيو ھوندو آھي ته ڪنھن به طريقي سان ملڪ کي ڪو وڏو نقصان نه پھچي. ھي ماڻھو بي لوث ۽ مڪمل سچا ھئڻ جي باوجود ٻڌا اڻ ٻڌا ڪيا ويندا آهن. حڪمرانن طرفان اھڙي بي حسي جو سبب صرف ھڪ آھي ته عام طور حڪمران صحيح يا غلط جي چڪر ۾ نه پوندا آهن، حڪمران رڳو پنھنجي انا کي پاڻي ڏئي ڪري پنهنجي فيصلي جي خلاف ٻڌڻ واري صلاحيت کي مڪمل ماري ڇڏيندا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا کي اڄ ان موڙ تي آڙي بيھاري ڇڏيو آهي جتي ھوءَ جمھوريت يا سامراجيت جي بدران آمريت لڳي ٿي. پوءِ به آمريڪا جا حب الوطن باشندا پنھنجي ملڪ کي بچائڻ لاءِ پنھنجي وس ۽ وت آهر ڪوششون ڪري رهيا آهن. اھڙي ڪوشش آمريڪا جي ھندستاني آمريڪي ۽ سي اين اين جي مقبول ۽ معتبر صحافي فريد زڪريا ڪئي آھي. فريد زڪريا آمريڪا جي ڀيٽ برطانيا سان ڪئي آھي. ھن ٻنھي طاقتن جو موازنو ڪندي ٻڌايو آهي ته برطانيا کي جنگي جنون تباھ ڪيو ھو ۽ آمريڪا کي ان جنگي جنون ان ساڳئي موڙ تي پھچايو آھي. فريد زڪريا جنگي جنون کان وڌيڪَ جنھن ڳالھ کي ڪنھن به پاور جي ڊھڻ جو سبب ٻڌايو آهي، اھو آھي حد کان وڌيڪَ پاڻ کي فھلائڻ. ھن جو چوڻ آهي ته برطانيا به پاڻ کي ايترو پکيڙيو جو ان کي سنڀالي به نه سگھيو ۽ ان کي سنڀالڻ جي ڪاوشن ۾ پنھنجن بنيادي مسئلن ۽ ضرورتن کي نظر انداز ڪرڻ جي ڪري پنھنجي معاشي واڌ ويجھ گھٽائي ويھي رھيو. نتيجو اهو نڪتو ته ھن کي ۽ ھن جي حڪمرانن کي وڏيون خبرون ۽ دعوائون ڪرڻ جي باوجود دنيا جي حڪمرانيءَ تان دستبردار ٿيڻو پيو. ھن جو خيال آهي ته ھن جو پيارو ملڪ آمريڪا بلڪل ساڳي مرحلي مان گذري رهيو آهي. نه صرف فريد زڪريا پر ٻيا به خاص طور مغربي معاشيات دان اڄ اھو وڏي واڪي ۽ بار بار چئي رھيا آھن ته اھو لازمي ڪونھي ته پاور حملن ۾ تباھ ٿين يا زلزلي ۾ مسمار ٿين يا ڪنھن وڏي ٻوڏ سبب ڊھن. پاور سڪي جي طاقت ختم ٿيڻ جي ڪري به تباھ ٿيا آهن. برطانيه ۽ آمريڪا جج زوال جو سبب سڪي جي قيمت ڪرڻ آهي. مختصرن معاشي استحڪام رڪجڻ سان ئي سڪو پنھنجو وزن گھٽائيندو آهي ته پاور پنھنجي سالميت وڃائيندو آهي. اھو سچ آهي. آئون گھڻو اڳ موئن جي دڙي جي تهذيب جي ڊھڻ جو سبب به اھو ئي ٻڌايو ھو جو مٿي ٻڌايل آهي. موئن جو دڙو ڪنھن حملي يا ٻوڏ يا زلزلي ۾ ناهي ڊٺو. موئن جو دڙو به معاشي طور اڳتي نه وڌڻ جي ڪري ڊٺو ھو.