Sindhi Islamic knowledge سنڌي اسلامي معلومات

Sindhi Islamic knowledge سنڌي اسلامي معلومات هي پيج اسلامي معلومات بابت آهي، توهان شريعت بابت معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا

قسط 3: رمضان      (( استقامت ۽ سڄي سال جي راهنمائي ))رمضان المبارڪ گذري رهيو آهي، پر ان جا سبق هميشه لاءِ آهن .هن مهيني ...
05/04/2026

قسط 3: رمضان

(( استقامت ۽ سڄي سال جي راهنمائي ))

رمضان المبارڪ گذري رهيو آهي، پر ان جا سبق هميشه لاءِ آهن .
هن مهيني ۾ اسان نماز، تلاوت، دعا ۽ نيڪ عملن جي عادت وڌي ، هاڻي اصل امتحان اهو آهي تہ ڇا اهي عادتون رمضان کان پوءِ بہ جاري رهن ٿيون؟

الله تعالى قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو :
﴿ وَاعْبُدْ رَبَّكَ حَتَّىٰ يَأْتِيَكَ الْيَقِينُ ﴾
حوالو : سورة الحجر: 99
ترجمو : ۽ پنهنجي رب جي عبادت ڪندو رهہ ، جيستائين تو وٽ يقين (موت) اچي وڃي.

هي آيت اسان کي سيکاري ٿي تہ عبادت ڪنهن هڪ مهيني تائين محدود ناهي، بلڪہ سڄي زندگي جو ڪم آهي .

رمضان اسان کي استقامت، پابندي ۽ الله سان تعلق مضبوط ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿو .
اصل ڪاميابي اها آهي تہ رمضان کان پوءِ بہ نماز قائم رهي، قرآن سان تعلق برقرار رهي، ۽ دل ۾ الله جو خوف ۽ محبت زنده رهي .
الله پاڪ اسان کي رمضان جي سکيا تي سڄي سال عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
آمين يا رب العالمين.

✍️ عتيق الله ميمڻ

قسط 2: رمضان             (( صبر، همدردي ۽ سخاوت جو سبق ))رمضان المبارڪ اسان کي صبر، برداشت ۽ ٻين جي تڪليفن جو احساس سيکا...
19/03/2026

قسط 2: رمضان

(( صبر، همدردي ۽ سخاوت جو سبق ))

رمضان المبارڪ اسان کي صبر، برداشت ۽ ٻين جي تڪليفن جو احساس سيکاري ٿو. جڏهن انسان بک ۽ اڃ برداشت ڪري ٿو، تڏهن هن کي غريبن ۽ محتاجن جي حالت جو سچو احساس ٿئي ٿو .

نبي ڪريم ﷺ فرمايو:
الصَّوْمُ نِصْفُ الصَّبْرِ
ترجمو : روزو صبر جو اڌ آهي .
(حوالو: سنن الترمذي)

هي مهينو اسان کي سيکاري ٿو تہ رڳو پنهنجي لاءِ نہ، پر ٻين لاءِ بہ جيئڻ گهرجي .
رمضان ۾ اسان زڪوات، صدقا ۽ خيرات ذريعي سخاوت جو عملي مظاهرو ڪيو .
اصل سبق هي آهي تہ رمضان کان پوءِ بہ اسان جي دل ۾ همدردي، مدد ۽ سخاوت زنده رهڻ گهرجي .
جيڪڏهن اسان ٻين جي مدد جاري رکون، تہ اهوئي رمضان جو حقيقي اثر آهي .
الله پاڪ اسان کي صبر ۽ سخاوت واري زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين يا رب العالمين .

✍️ عتيق الله ميمڻ

قسط 1: رمضان              ((  تقويٰ ۽ پاڻ سنڀالڻ جو سبق ))رمضان المبارڪ اسان کي سڀ کان وڏو سبق ڏئي ٿو تقويٰ ۽ پاڻ تي ڪنٽ...
17/03/2026

قسط 1: رمضان

(( تقويٰ ۽ پاڻ سنڀالڻ جو سبق ))

رمضان المبارڪ اسان کي سڀ کان وڏو سبق ڏئي ٿو تقويٰ ۽ پاڻ تي ڪنٽرول جو .

روزو رڳو بک ۽ اڃ کان روڪڻ نہ آهي، بلڪہ پنهنجي خواهشن، زبان ۽ عملن کي سنڀالڻ جو نالو آهي .
قرآن پاڪ ۾ الله تعالى فرمائي ٿو:

﴿يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا كُتِبَ عَلَيْكُمُ الصِّيَامُ كَمَا كُتِبَ عَلَى الَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ﴾ (سورة البقرة: 183)
ترجمو : اي ايمان وارا! اوهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جيئن اوهان کان اڳين ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا، تہ جيئن اوهين پرهيزگار بڻجو .

رمضان ۾ اسان سکيو تہ حلال شيون بہ الله جي حڪم تي ڇڏي سگهجن ٿيون، تہ پوءِ حرام کان بچڻ تہ وڌيڪ آسان ٿيڻ گهرجي.
هي مهينو اسان کي اهو سيکاري ٿو تہ انسان جيڪڏهن چاهي تہ پنهنجي نفس کي قابو ۾ رکي سگهي ٿو .

هاڻي سوال هي آهي:
ڇا اسان رمضان کان پوءِ بہ پنهنجي نظر، زبان ۽ عمل کي سنڀالي سگهنداسين؟ جيڪڏهن ها، تہ اهوئي رمضان جو اصل سبق آهي۔
الله پاڪ اسان کي سچي تقويٰ نصيب فرمائي۔
آمين يا رب العالمين .

✍️ عتيق الله ميمڻ

10/03/2026

اعتڪاف جو بيان قسط 1

۱- اعتڪاف ڇاکي چئبو آھي ؟
۲- اعتڪاف صرف مسجد ۾ ڇو ؟

سوال ۱: اعتڪاف ڇاکي چئبو آھي ؟
جواب: اعتڪاف ان کي چئبو آھي تہ ماڻھو الله جي گھر يعني مسجد ۾ رھڻ کي عبادت سمجهي ڪري ان نيت سان اھڙي مسجد ۾ رھي جنھن ۾ جماعت سان نماز ٿيندي ھجي .

سوال ۲: صرف مسجد ۾ رھڻ ڇو عبادت آھي ؟
جواب: جڏھن انسان پنھنجو گھمڻ ڦرڻ ، راند تماشو ڪم ڪار ڇڏي ڪري
مسجد ۾ رھي ۽ ان رھڻ سان الله تعالي جي رضامندي مقصود ھجي تہ ان جو عبادت ھجڻ ظاھر آھي .

حوالہ تعليم الاسلام مفتي ڪفايت الله محدث دهلوي رح

✍️ عتيق الرحمان ميمڻ

22/02/2026

۱- نياڻيءَ کي پئسن تي وڪڻڻ واري جو ھڪ عبرتناڪ واقعو ۲- نياڻيءَ تي اسان جي معاشري جا ظلم ۳- نياڻي پٽ کان بھتر آھي .

21/02/2026

ھڪ عبرتناڪ واقعو نياڻيءَ کي پئسن وڪڻڻ واري جو انجام .

20/02/2026

نياڻن کي پئسن تي وڪڻڻ وڏو گناھ آھي .

19/02/2026

عورت ۽ مرد هڪٻئي لاءِ لباس آھن.

18/02/2026

ھڪ عبرتناڪ واقعو جيڪو پنھنجي نياڻيءَ کي گھر ۾ ويھاري ڇڏي .

Address

Therhi
Khairpur

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi Islamic knowledge سنڌي اسلامي معلومات posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category