11/05/2022
پنهنجن ڪکن ۾ ٻچڙن سان عيد ڪرڻ بعد منهنجي غلام وطن جا هي پورهيت، لطيف جي سُر سامونڊيءَ جا هي سامُونڊِي روزگار سانگي ڪراچي وڃي رهيا هئا تہ هن فرعون رياست جي نااهلي سبب ان ئي روڊ تي پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا جنهن ڄامشورو سيھوڻ روڊ تي هزارين جانيون اڳ بہ ضايع ٿي چڪيون آهن.
هنن سامُونڊين جون امڙيون ونيون ڀيڻيون ڌيئرون ان آس ۾ هونديون تہ اجهو سندن سامونڊي ڪمائي سُکَ کڻي موٽيا پر هن مظلوم ڌرتيءَ جي بدنصيب ڄاين کي اها ڪهڙي خبر تہ اڄ سندن سينڌ ۾ سِنڌُور بجاءِ مٽي هوندي. 😭
هنن 15 مزودورن جي خونن جو ڪيس سڌو سنئون سنڌ حڪومت تي داخل ٿيڻ گهرجي جن جي نااهلي سبب 15 سالن ۾ روڊ جو ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو.
سيئي جوڀَنَ ڏِينهن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هليا!
رُئان رَهَنِ نه ُسپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪيئن؟
مونکي چاڙهي چِيئن، ويو وڻِجارو اوهِري! (شاھ)
سراج چانڊيو