05/08/2026
جيڪو ماڻهو ٻين جي ڪم اچي، اهو ئي اصل انسان آهي."
اسان وليج ويلفيئر فائونڊيشن طرفان دل جي گهراين سان ٿوراائتا آهيون يو سي وائيس چيئرمين محترم پرويز احمد ڏاهري صاحب جا، جن اسان جي تنظيم جي ميڊيڪل ڪئمپ جي آڇ کي پورو ڪندي، ڪئمپ جو سمورو خرچ اڪيلي سر برداشت ڪيو ۽ غريب مريضن جي سهولت لاءِ وڏو سهڪار فراھم ڪيو. الله تعاليٰ کيس وڌيڪ توفيق عطا فرمائي!🤲🏻
هن عظيم مقصد ۾ اسان جي تنظيم جي باهمت ميمبرن پڻ پاڻ پتوڙيو، پر خاص طور تي وائيس پريزيڊنٽ رضوان ڏاهري صاحب جو ڪردار ۽ سهڪار بي مثال رهيو، جن هر قدم تي شاندار تعاون ڪيو. 🙏🏻
اسان پنهنجي پياري ڳوٺ جي سڀني سڄڻن ۽ ڳوٺ وارن جا پڻ دل سان شڪر گذار آهيون، جن پنهنجي ساٿ ۽ حوصلي افزائي سان اسان جا حوصلا بلند رکيا.🙏🏻