17/06/2025
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني - هڪ تڪليف ڏيندڙ سچائي
ڪو وقت هو، جڏهن ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي روڊن تي صبح کان شام تائين هلچل هوندي هئي، بازارن ۾ رش، ماڻهن جي اچ وڃ، زندگيءَ جي گونج هوندي هئي... پر افسوس! اڄ اهو ئي ضلعو خوف ۽ بدامنيءَ جي اونداھي ۾ ٻڏي چڪو آهي.
اڄ صورتحال اها آهي جو:
ڏينهن جو به روڊ رستا ويران آهن
ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ قيد بڻجي ويٺا آهن
ڌاڙيلن جي راڄ سبب سفر موت جو خطرو بڻجي ويو آهي
عورتون، ٻار، بزرگ به محفوظ ناهن
ڪاروبار، تعليم، زراعت سڀ ڪجهه متاثر آهي
ڇا اسان جو ضلعو اهڙي انجام جو حقدار آهي؟
ڇا حڪومت، پوليس، انتظاميا صرف رپورٽن تائين محدود رهندي؟
ڇا اسان جي سڪون، عزت ۽ زندگيءَ جي ڪابه قيمت ناهي،
اسان سوال ڪنداسين انهن ادارن کان، جيڪي حڪم ته جاري ڪن ٿا، پر عملدرآمد نٿا ڪن.
اسان جو مطالبو
ضلعي ۾ فوري آپريشن ڪيو وڃي
ڌاڙيلن جا ٺڪاڻا ختم ڪيا وڃن
هر ٿاڻي جي حد ۾ امن بحال ڪيو وڃي
بي گناهه ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جئين
ڪشمور ڪنڌڪوٽ کي ٻيهر سڪون، سلامتي ۽ روشنيءَ جو مرڪز بڻايو وڃي،