25/08/2022
حڪمرانن جي شاھ خرچين يورپ کي حيران ڪري ڇڏيو۔
سيپٽيمبر 2010 جي مھاٻوڏ دوران ھاليووڊ جي مشهور اداڪارہ انجيلا جولي اقوام ِ مُتحدہ جي سفير جي حيثيت سان پاڪستان جو دؤرو ڪري واپس وڃي اقوام متحده کي رپورٽ پيش ڪئي، جنھن ۾ چند اِھي ڳالھيون به ڄاڻايل ھيون.
مون کي اهو ڏسي انتھائي ڏک ٿيو تہ حاڪم ۽ بااثر مون سان ملڻ جي لاءِ قطار ۾ بيٺل ٻوڏ متاثرن کي پوئتي ڌڪيندا رهيا.
مونکي اهو ڏسي ڏاڍي تڪلیف ٿي تہ وزیراعظم خواھش ڪئي ۽ زور ڀريو تہ سندس گهر وارن سان ملان جيڪي مون سان ملڻ لاء بيچین آھن مُنھنجي انڪار تي هن جي فیملي مون سان ملڻ ملتان مان خاص جھاز ذريعي اسلام آباد پھتي ۽ مونکي قیمتي تحفا ڏنا.
وزیراعظم ۽ هن جي فیملي قسمين قسمين طعامن سان منھنجي دعوت ڪئي . ميز تي لڳل لامحدود طعام ڏسي ڏک ٿيو تہ هي طعام انھن سوين ماڻھن لاءِ ڪافي هئا جيڪي رڳو اٽي جي هڪ ٿيلھيءَ ۽ پاڻيءَ جي ننڍي بوتل جي لاءِ هڪٻئي کي ڌڪا ڏئي اسان جي ٽيم کان حاصل ڪرڻ جا خواھشمند هئا.
»مونکي حیرت ٿي تہ هڪ پاسي بک، غربت ۽ بدحالي هئي ۽ ٻئي پاسي وزیر اعظم هاﺅس ۽ ڪيترن ئي سرڪاري عمارتن جو شان ، ٺٺ ۽ ٺاھ ٺوھ ۽ حڪمرانن جون عیاشیون اسان جي اولھ ملڪن کي بہ حیران ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي آھن.
انجلینا جولي اقوامِ متحدہ کي مشورو ڏنو تہ پاڪستان تي زور ڀريو وڃي تہ امداد گهرڻ کان پھرين شاھي پروٽوڪول، عیاشیون ۽ فضول خرچيون ختم ڪري...
(دوري دوارن انجلینا جولي پاڪستان ۾ فوٽو سیشن ۽ میڊیا کان پري رهڻ پسند ڪيو هو).
(نوٽ:- اھا پوسٽ 12 سال پُراڻي آھي پر حالتون ساڳيون آهن)
Copied