12/10/2023
*پوپٽن جي روح وانگي نفيس انسان*
اسان پوپٽن جو ڪھڙو دين ڌرم آ ،اسان جو روح ھن ڪائنات تي ڀُلجي آيو آ ،خبر ناھي اسان ڪھڙي فرسودہ نظام جي ور چڙھي ويا آھيون، جتي ھر انسان جو الڳ ڌرم آ ۽ الڳ مسلق آ،
اسان ته ان ديس جا پروانا آھيون جنھن ديس جو تخليقڪار خدا ئي گل آ ،اسان جي ھن روح کي امتحانن جي ور چاڙھي الزام تراشون ڪري آزمايو ويو آ پر اسين ته سڀ ڪجھ قبول ڪنداسين ڇو ته اسان پوپٽ نما نفيس آھيون،
خبر ناھي ھي دنيا اسان جي زندگي کي وحشا پئي سمجھي جتي ھر ماڻھو اسان جي زندگي ۾ زھر جي پيوندڪاري ڪيون پيو وڃي،جتي ماڻھو ھمدردي جو چھرو پائي مڪاري ڪيون پيو وڃي،جتي ھر ماڻھو اداڪاري جا گُر سکي ۽ اسان معصوم ماڻھن کي آزمائي اسان جي زندگي تباھ ڪري اسان تي تجربا پيو ڪري ھتي ته رشتا به بار آھن، ھر ان ماڻھو کي مور سمجھيو پيو وڃي جيڪو فريبي آ،مصنوعي آ،مڪاري آ ۽ چھري تي مصنوعي مسڪراھٽ رکي ڏنگيندو ٿو وتي ،ھا شايد منھنجو روح ھن اذيتناڪ دنيا ۾ آيو آ جتي ڏک آھن،پيڙا آھن ۽ جتي ھر لمحو عزرائيل وانگر اچي پوپٽن واري نازڪ طبيعت رکندڙ جا پر ساڙي ٿو ڇڏي،ھا اسان ڪنھن کي نه ڏکائينداسين،ھا اسان ھتان ھليا وينداسين ڇو جو اسان پوپٽ مزاج انسان آھيون،
خبر ناھي ڇو ھن ھڏن ۽ ٻوٽين جي ٺاھيل پڃري ۾ اسان جو روح قيد ڪيو ويو آھي ،ھا اسان تيسين تائين پيڙا برداشت ڪنداسين جيسيتائين ھن پڃري مان اسان جو روح پرواز ٿي ازل کان عبد واري سڪون ۾ ھليو نه ٿو وڃي،
ڪڏھن ڪڏھن منھنجون اکيون مونکي ميار ڏينديون آھن ڇو تون سدائين اوجاڳن ۾ آن،پر اکيون سڀ اھي عڪس پاڻ ۾ سمائي اداڪاريون سمجھي وينديون آھن،ڪڏھن مون اکين کي چيو ھو ته پاڻ ان لمحي جي انتظار ۾ آھيون تہ جڏھن ھي ھميشہ لاء بند ٿي وينديون پوء اسان جي لاء دوستيون ،ھمدرديون ڪوئي معني نه رکنديون ڇو جو اسان جو روح پرواز ٿي ڪنھن سڪون جي آستاني ۾ آرامدہ ھوندو ،پاڻ ھنن وحشين ،ھنن درندن ۽ ھنن مڪارن جي ديس کي ڇڏي پوپٽن جي حسين ديس ۾ ھليا وينداسين جتي محبتون ھونديون،ھمدرديون ھونديون ۽ احساس ھوندا.
ٻيو جنم پاڻ ھن ڪائنات جي سيور ۾ نه وٺنداسين تڏھن ته شيخ اياز جو ھڪڙو شعر آ
"ٽڙياسين دامِن صحرا ۾ خوشبو ئي اجائي وئي"
اسانجو وجود اجايو ويو ھن ديس ۾ ،ھر ڪنھن مفادپرست پنھنجو فائدو سوچي اسان جي زندگي تباھ ڪئي،اسان جي جنم کي جھنم ڪري ڇڏيو ،ھا ھن باھ ۾ سڙي خاڪ ٿينداسين پر ھن ديس جا رھواسي نه ٿينداسين پر پاڻ پوپٽن جي ديس جا ديوتا ٿينداسين!!
*ڪاظم عباس عباسي!* 🖤