28/05/2026
جُڙيو چانڊيو، لاڙڪاڻو کي هميشه کان پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳڙهه سمجهيو ويندو رهيو آهي، پر هاڻي اوچتو ڪجهه ماڻهو پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ لڳا آهن۔
هي تبديلي علائقي جي سياسي ماحول ۾ هڪ نئون انقلاب سمجهي پئي وڃي۔
ماڻهو چون ٿا ته عوام هاڻي ترقياتي ڪمن، روزگار، تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن سان گڏ نئين قيادت ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏئي رهي آهي۔
سياست ۾ اهڙيون تبديليون وقت ۽ حالتن موجب اينديون رهنديون آهن، پر اصل طاقت هميشه عوام وٽ هوندي آهي۔