سهڻا سنڌ واسي

سهڻا سنڌ واسي Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from سهڻا سنڌ واسي, Real Estate, Larkana sindh, Larkana.

18/11/2025
مان ڄاڻان ٿو تون ڌاري آنمون کي سنڌ جيان پر پياري آنتنهنجي ذات جُدا، هر بات جُداجذبات جُدا، فڪرات جُداتوکي وک وک تي مان س...
08/08/2024

مان ڄاڻان ٿو تون ڌاري آن
مون کي سنڌ جيان پر پياري آن

تنهنجي ذات جُدا، هر بات جُدا
جذبات جُدا، فڪرات جُدا
توکي وک وک تي مان سجدو ڪيان
اڄ مون کان پڇين ٿي پردو ڪيان
تنهنجي معصوميت جي ساک کڻان
تنهنجي ڳلڙن تان مان باک کڻان
منهنجي مَن ۾ ڏاڍي اوندھ آ
۽ دل جو صحن انڌيرو آ
مون کي پڪ نہ ھُئي امڪان ھُيو
تنھنجو جلدي ٿي امتحان ويو
تو ھاڻي جو ڪاليج ڇڏيو
مان سمجھان ٿو نڪرڻ بہ ڇڏيو
۽ صبح جو ساڳئي رستي تان
گذرڻ بہ ڇڏيو، مرڪڻ بہ ڇڏيو
ڏَس تو سان ھاڻي ڪيئن ملان؟
ڪٿي بيھان توکي ڪيئن ڏسان؟
خط، تحفا، گفٽُون ڪيئن ڏيان..؟؟
ايئن دل کي وھم وڪوڙي ويا
ڄڻ ڳوٺ کي فوجي گھيري ويا
مون تي نظرن جو آ ڪرفيُو لڳل
ھر راھ رُڪيل، گھٽ، گھيڙ جھليل
تنھنجو گھر بہ ڏٺل، رستو بہ ڏٺل
پر ظالم پاپيء رسمن جا
ھر پاسي آھن رنگ لڪل
ان لاء نہ ٿو تو ڏانھن اچان
ٿو ايندي ويندي واپس ٿيان
۽ دل ۾ ٿو ويچار ڪيان
مان توکان ھڪڙي ڳالھ پڇان
ڇو ھاڻي نہ ٿي ڪاليج وڃين
ڇو سرتين کان ٿي دور رھين
تن ساڻ تہ مل، تن ساڻ تہ کل
ھل ٿورو ھل، ھل ٿورو ھل
منھنجي روح جي راھ تان ٿورو ھل
منھنجي اکڙين کان بہ نہ ٿي اوجھل
پنهنجي پرس کي ٿورو کولي ڏس
جا تو وٽ ھاڻ امانت آ
منھنجي پيار جي توکي پارت آ...

Address

Larkana Sindh
Larkana

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سهڻا سنڌ واسي posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category