26/02/2026
سڀني کاتيدارن / واسطيدارن، ھارين/آبادگارن کي اطلاع ٿو ڏجي تہ جن جا ڪڻڪ سپورٽ پروگرام ۾ پئسا/ھاري ڪارڊ آيل آھن، ۽ جن جي ان پروگرام دوران وفات ٿي وئي آھي، انھن جي لاء جناب ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع، زراعت کاتو حڪومت سنڌ طرفان سنڌ بئنڪ کي خط لکيو ويو آھي تہ اھڙن ڪيسن ۾ انھن جي قانوني وارثن کي اھا رقم يا ھاري ڪارڊ جاري ڪيو وڃي جيڪي روينيو کاتي طرفان تصديق ٿيل آھن.
انھن لاء ھيٺيان ضروري ڪاغذ ايڊيشنل ڊائريڪٽر زرعي توسيع کاتو ضلعو گھوٹکی ۾ جمع ڪرائين.
فوت ٿيل ڪيسن لاءِ گهربل دستاويز:
1. يونين ڪائونسل پاران جاري ڪيل تصديق ٿيل فوتي جو سرٽيفڪيٽ
2. فوت ٿيل جي CNIC جي تصديق ٿيل ڪاپي
3. لاڳاپيل عدالت يا نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي نادرا پاران جاري ڪيل جانشيني سرٽيفڪيٽ (NADRA) (Succession Facilitation Desk) صحيح طور تي تصديق ٿيل
4. نادرا پاران جاري ڪيل خانداني رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ (FRC)
5. قانوني وارثن جي فهرست
6. قانوني وارثن کان حلف نامو جانشين جي نامزدگي ۽ تصديق ٿيل ڪاپيون سڀني قانوني وارثن جي CNIC
7. ٻن شاهدن جا بيان جيڪي فوتي ۽ فوتي جي وارثن کي سڃاڻندا ھجن ساڻ شناختي ڪارڊ جون ڪاپيون.
پاران.
ايڊيشنل ڊائريڪٽر زرعي.