29/10/2023
مورو شھر ۾ عوامي تحريڪ جي طرفان سنڌ ۾ ڌارين آبادگاري جي نيڪالي لاء مين روڊ لڳ جمالي پيٽرول پمپ کان وٺي مورو پريس ڪلب تائين شاندار احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ ھنن اڳواڻن شرڪت ڪئي ڪامريڊ غلام فريد ڪلھوڙو سيد محمد علي شاھ ايڊووڪيٽ سليم رضا ڀنگر علي نواز عالماڻي محمد اسمائيل عالماڻي نديم ڪلھوڙو محمد عظيم سولنگي جاويد عالماڻي صدام حسين ڪلھوڙو فريد سولنگي مور سولنگي اشرف سولنگي نويد سولنگي وڪيل نول ڪامران نول سرمد سنڌي شريف ڪلھوڙو ۽ جيئي سنڌ معاذ اڳواڻ وقار ڪلھوڙو ابرار مورائي دانش ميمڻ نويد بھڻ سنڌ سڀا اڳواڻ صدام چانڊيو شاھد چانڊيو عوامي تحريڪ معاذ سنڌي ھاري تحريڪ اڳواڻ علي اڪبر سنگراھ سوشل ورڪر بدرالدين لانگاھ جنسار ڪلھوڙو اين پي پي اڳواڻ مولا بخش ٻرڙو شامل ٿيا اڳواڻن سنڌ گورنمنٽ ۽ نگران گورنمنٽ کان مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ رھندڙ سمورن ڌارين افغاننن برمي بنگالن ھندستاني کي ڏنل تاريخ مطابق سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ ڌارين جي سھولتڪارن خلاف پڻ ايڪشن کڻي سندن مٿان غداري جا ڪيس داخل ڪري سندن جو ملڪيتون ضبط ڪيو وڃن