Principal co-ordination Committee

Principal co-ordination Committee Principal platform of College Education Department Shaheed Benazir Abad Region

15/06/2024

پرنسپل گرلس ڊگري ڪاليج خالدآآباد پروفيسر عبدالجبار ملاح صاحب تي 13 جون تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف نوشهرو فيروز ضلعي جا پروفيسر صاحبان سراپا احتجاج بڻيل آهن.

15/06/2024

پروفيسر عبدالجبار ملاح پرنسپال گورنمينٽ ڪاليج خالد آباد تي حملي جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪجي تي. پرنسپال ڪوآرڊينيشن ڪميٽي SPLA طرفان اڄ نوشھرو فيروز ۾ احتجاج جي حمايت ڪندي ان عمل کي ساراھي ٿي.

14/06/2024

پروفيسر عبدالجبار ملاح پرنسپال گورنمينٽ ڪاليج خالد آباد تي حملي جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪجي تي. پرنسپال ڪوآرڊينيشن ڪميٽي اعلي اختيارين کان گھر ٿي ڪري تہ لاڳاپيل حملي آور کي گرفتار ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پريس رليز تاريخ 5 آڪٽوبر 2023ع تي خميس جي ڏينهن ٻارھين بجي پرنسيپال ڪوآرڊينيشن ڪميٽي شھيد بينظير آباد ريجن  جي عھديدارن ...
06/10/2023

پريس رليز
تاريخ 5 آڪٽوبر 2023ع تي خميس جي ڏينهن ٻارھين بجي پرنسيپال ڪوآرڊينيشن ڪميٽي شھيد بينظير آباد ريجن جي عھديدارن ڪاميٽي جي چيئرپرسن پروفيسر لالا رخ بلوچ پرنسيپال گورنمينٽ گرلس ڪاليج نوابشاهه جي اڳواڻي ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي مانواري وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي صاحب سان تعارفي ميٽنگ ڪئي ، پرنسيپال ڪوآرڊينيشن جي وفد ۾ پروفيسر لالا رخ بلوچ ، پروفيسر مبين وساڻ صاحب ، پروفيسر ارشاد علي اوٺو ، پروفيسر ممتاز سولنگي، پروفيسر احسان رند ، پروفيسر خادم حسين ڪورائي شامل ھئا ، جڏھن ته وائيس چانسلر صاحب سان يونيورسٽي جو ڪنٽرولر صاحب ، رجسٽرار صاحب ، ڊائريڪٽر فنانس ، ڊين فيڪلٽي آف سائنس ۽ ڊائريڪٽر بزنس ايڊمنسٽريشن شامل ھئا،
مانواري وائيس چانسلر صاحب پرنسيپال ڪوآرڊينيشن جي عھديدار کي پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي خوشي جو ۽ ڪاميٽي ٺاھڻ تي سرھائي جو اظھار ڪيو ، جيئن تہ ھي پھرئين تعارفي گڏجاڻي ھئي جنھن ۾ کليل ڪچھري ڪرڻ جو موقعو مليو، ھن گڏجاڻي ۾ ڪابہ ايجنڊا رکيل نه ھئي ، فقط تعارفي ميٽنگ ھئي،
ھن گڏجاڻي ۾ يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۾ گڏجي تعليم کي بھتر ڪرڻ جو ازم ڪيو ويو ، ڪاميٽي جي چيئرپرسن ميڊم لالا رخ بلوچ صاحبہ پرنسيپال ڪو آرڊينيشن جو مقصد بيان ڪيو ميڊم لالا رخ وائيس چانسلر صاحب کي ٻڌايو ته اسين سڀ پنھنجي ريجن جي ڪاليجن ۾ جديد ۽ بھتر تعليم لاء جاکوڙ ڪرڻ لاء گڏ ٿيا آهيون ، جنھن لاء اسان کي يونيورسٽي ۽ خاص طور تي وائيس چانسلر صاحب جي تعاون جي ضرورت آھي ،
وائيس چانسلر محترم امانت علي جلباڻي صاحب ڪاليجن ۾ تعليم کي بھتر ڪرڻ ۽ خاص طور تي ڪاليجن جي شاگردن ۽ استادن لاء اسڪالر شپ ڏيارڻ ۾ پنھنجو ڀرپور تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريو، محترم جلباڻي صاحب مختلف ادارن کان ملندڙ اسڪالر شپ جي وفد کي ڄاڻ ڏني ۽ مشورو ڏنو ته اوھان ڪوشش ڪريو مختلف ادارن سان رابطو ڪيو، اسين اوھان سان ھر طرح تعاون ڪنداسين،
گڏجاڻي ۾ شامل سڀني پرنسيپال صاحبان وائيس چانسلر صاحب جا ٿورا مڃيا ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي ۽ ھڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ تي خوشي جو اظھار ڪيو،
ھن گڏجاڻي رکرائڻ ۾ محترم ڪاشف نوراني صاحب ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ،
ھن موقعي تي وائيس چانسلر صاحب طرفان چاء پارٽي جو بندوبست پڻ ڪيو ويو ھو.
ارشاد علي اوٺو جنرل سيڪريٽري پرنسيپال ڪو آرڊينيشن ڪاميٽي شھيد بينظير

06/10/2023

Address

Nawabshah Sindh
Nawabshah
67450

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Principal co-ordination Committee posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category